واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي وڌيڪ 10 هزار ڊالر ڏنڊ هڻي ڇڏيو آهي. سول فراڊ ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ٻيو ڀيرو گيگ آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 10 هزار ڊالر ڏنڊ لڳايو ويو ان کان اڳ 5 هزار ڊالر ڏنڊ ڪيو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيويارڪ اسٽيٽ جي سپريم ڪورٽ ۾ سول فراڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج آرٿر ايف اينگورون ٻيو ڀيرو عدالتي حڪم جي ڀڇڪڙي ڪرڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو. ٽرمپ تي اهو ڏنڊ 3 آڪٽوبر جي ان حڪمنامي جي ڀڃڪڙي تي لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ ٽرمپ جج جي اعليٰ ڪلارڪ جي تصوير سوشل ميڊيا تي شئير ڪري ان ۾ آمريڪي سينيٽ جي اڪثريتي اڳواڻ شومر جي “گرل فرينڊ” چيو هو. ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهه  ٻول دوران چيو هو ته اهو جج انتهائي تعصبي آهي. ان سان هڪ اهڙو شخص به ويٺو آهي جيڪو جج کان به وڌيڪ تعصبي آهي.