واشنگٽن (شوبنز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ٺٺول ڪئي آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽُرٿ سوشل“ تي ڪيل هڪ تازي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته جڏهن کان مان ٽيلر سوئفٽ لاءِ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو آهي، تڏهن کان ان جي مقبوليت گهٽجي وئي آهي. پنهنجي پيغام ۾ ٽرمپ لکيو ته ڇا ڪنهن نوٽ ڪيو آهي ته جڏهن کان مان چيو مون کي ٽيلر سوئفٽ کان نفرت آهي، تڏهن کان هوءَ ”هاٽ“ ناهي رهي؟ واضح رهي ته 2024 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽيلر سوئفٽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ۽ ان وقت جي نائب صدر ڪميلا هيرس جي حمايت جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي ٽرمپ سخت ڪاوڙيو هو ۽ چيو هيائين ته مون کي ٽيلر سوئفٽ کان نفرت آهي.