ڊونلڊ ٽرمپ جون ايران کي ڌمڪيون

0
46
ڊونلڊ ٽرمپ جون ايران کي ڌمڪيون

 اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ جاري آهي، جي- سيون نالي عالمي منافق گروپ جو ڪينيڊا ۾ ٿيل سربراهي اجلاس جي پڌرائي مڪمل طور تي اسرائيل جي حمايت سان ڀريل هئي. آمريڪي صدر ٽرمپ ايران کي غيرمشروط طور تي پيش پوڻ لاءِ چيو آهي. فقير راحمون جي اصطلاح ۾، هي عالمي مفت خور ٽرمپ چوي ٿو ته، “اڳتي ڇا ٿيندو، ٻن ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي”.

 تهران سميت ايران جي ڪيترن ئي شهرن تي اسرائيلي حملن جي جواب ۾، ايران پنهنجي جوابي حملن ۾ ٽي وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. ايران، اسرائيل جي سامونڊي شهر “حيفا” جي پاور پلانٽ ۽ آئل ريفائنري کي 90 سيڪڙي ۽ 100 سيڪڙي تائين تباهه ڪري ڇڏيو، گڏوگڏ اسرائيلي خفيه ايجنسي موساد جي هيڊڪوارٽر تي ميزائل وسايا، جن سان ان کي وڏو نقصان پهتو. اسين چئي سگهون ٿا ته ڪجهه ته آهي جيڪو لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڇو ته اسرائيلي اختيارين، حيفا شهر ۾ موجود ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي شهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

صدر ٽرمپ، روس ۽ اتر ڪوريا تي ايران جي مدد ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. هن اهو به چيو آهي ته: “اسان جو صبر ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ايران سان ڳالهين ۾ اسان کي ڪا به دلچسپي ناهي”. ٻئي پاسي، ايران ۽ اسرائيل ٻنهي پاران حملن ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ جون دعوائون جاري آهن. ان دوران، شام جي عبوري صدر احمد الشرح الجولاني، اسرائيل کي ايران خلاف شامي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي باقاعده اجازت ڏئي ڇڏي آهي. حالانڪه، جنگ جي شروعات کان وٺي اسرائيل ۽ شامي شهزادن جي وچ ۾ عملي سهڪار اڳ ئي جاري هو. هوڏانهن چين چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪري رهيو آهي. اسرائيل ۽ ايران جي جنگ بابت ڪجهه مبصرن جو تجزيو آهي ته ٽرمپ هن جنگ ۾ سڌي ريت ڌر بڻجڻ وارو آهي. اسرائيلي اڳرائي آمريڪي حمايت سان ئي شروع ٿي هئي، هاڻي جيڪڏهن ٽرمپ جي خواهش موجب آمريڪا هن جنگ ۾ ٽپي پوي ٿو ته اهو به ڏسڻو پوندو ته ڇا جنگ جو هي مرحلو آمريڪا جي مرضي سان ختم ٿيندو؟ ساڳي وقت، عالمي ميڊيا ذريعي اردن جي بادشاهه جو موقف سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن خبردار ڪيو آهي ته: “جيڪڏهن اسرائيل-ايران جنگ جو دائرو وڌيو ته وچ اوڀر جو امن خطري ۾ پئجي ويندو”.

جي- سيون نالي عالمي گروپ جي سربراهي اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ اسرائيل جي دفاعي حق جي حمايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا. جڏهن ته اسرائيل جي غيراعلانيه ايٽمي صلاحيت ۽ ان وٽ موجود ايٽمي هٿيارن بابت دنيا جي انهن ستن وڏن منافقن مان ڪنهن به ٻڙڪ نه ٻولي. ڇا هي منافقن جو ست رڪني ٽولو ان حقيقت کان بيخبر آهي ته ايران عالمي جوهري توانائي ايجنسي (IAEA) جي معاهدي ۾ شامل آهي، جڏهن ته اسرائيل نه رڳو ان معاهدي جو حصو ناهي پر هن ڪڏهن به ايجنسي جي نمائندن کي پنهنجي ايٽمي تحقيقاتي ادارن جو دورو ڪرڻ جي اجازت به ناهي ڏني؟

اسرائيل-ايران جنگ جي هن مهل تائين، مغربي ميڊيا جي جانبداري سبب سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽن تي ڪوڙ وڏي پيماني تي وڪاميو. اها ڳالهه ته جنگ جي ماحول ۾ ڪوڙ سڀ کان وڌيڪ وڪامي ٿو، سچ آهي، پر اهو چوڻ درست نه هوندو ته جنگ هڪ- ٻه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. “هڪ- ٻن ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو”- ٽرمپ جي هن بيان جو عام تجزيو اهو ئي ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا پنهنجي پالتو (اسرائيل) کي بچائڻ لاءِ پاڻ جنگي ميدان ۾ لهڻ وارو آهي.هتي سوال هي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل- ايران جنگ ۾ عملي طور تي شامل ٿئي ٿو ته ڇا دنيا جي طاقت جي توازن جا ٻيا مرڪز، روس ۽ چين، خاموش ويهندا؟ يا اهي ايران جي مدد لاءِ ايندا؟ جنگ جي جذباتي فضا ۾ گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ۽ چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن آمريڪا سڌيءَ ريت جنگ ۾ ڌر بڻجي ٿو ته روس ۽ چين به خاموش نه ويهندا. پر اسان جي راءِ ۾ روس ۽ چين صرف بيانن تائين محدود رهندا، ان کان اڳتي نه وڌندا. اسان ائين ڇو سوچيون ٿا ۽ چئون ٿا، ان جي پٺيان شام ۾ بشارالاسد خلاف الجولاني گروپ جي بغاوت جي دور ۾ روس ۽ چين جي پاليسي آهي. 2011 کان 2016 تائين روس ۽ چين بشارالاسد جا ڀرجهلا ٿي بيٺل رهيا، پر تازي بغاوت جي دوران سندن خاموشي دنيا جي وڏي حصي کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته هاڻ اهي شام واري بغاوت جي دور جي پاليسي نه اپنائيندا. ڇو ته جيڪڏهن روس ۽ چين آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي گڏيل محاذ واري جنگ ۾ ڌر بڻجن ٿا ته ان سان روس ۽ چين جي عالمي حيثيت کي سخت ڌڪ لڳندو ۽ سندن ساک متاثر ٿيندي. گذريل ڏينهن ۾ ڪجهه مبصرن اهو به چيو ته آمريڪا، يوڪرين جي قيمت تي، روس ۽ چين کي اسرائيل- ايران جنگ ۾ پاڻ لهڻ کان پوءِ انهن کي پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. تجزيا يقيناً حرف آخر ناهن، نڪي اهي ڪو الهامي هوندا آهن. چئني پاسن کان ملندڙ سٺي يا خراب معلومات جي بنياد تي تجزئي جي عمارت تعمير ڪئي ويندي آهي.

هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي ته ٽرمپ جو هي چوڻ ته “صبر ختم، ايران غيرمشروط هٿيار ڦٽ ڪري” ڪا بي سبب ڳالهه نه آهي. ايران جي مقابلي ۾ ڀلي اسرائيل جو نقصان نوي سيڪڙو گهٽ ٿيو هجي، پر اها حقيقت آهي ته اسرائيل کي پهريون ڀيرو ايتري وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. حيفا جي آئل ريفائنري، حيفا پاور پلانٽ ۽ ان سان لاڳاپيل ايٽمي تحقيقاتي ادارا، گڏوگڏ موساد جي هيڊڪوارٽر جو ريسرچ سينٽر تباهه ٿيو – اهي ڪاميابيون معمولي هرگز ناهن. ان ئي دوران، اسرائيلي شهري جن وٽ ٻٽي شهريت آهي، انهن جو وڏو حصو، هوابازي جي نظام جي متاثر ٿيڻ سبب، سامونڊي رستن ذريعي ملڪ ڇڏڻ لڳو آهي، جنهن سان اسرائيل جي ناقابل شڪست هجڻ جو بت پرزا پرزا ٿي پيو آهي. رڳو دنيا نه، خود آمريڪا به سمجهي چڪو آهي ته جيڪڏهن اها صورتحال هڪ هفتي تائين وڌيڪ جاري رهي ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ “نتيجو ڇا ٿيندو؟” جو مطلب اهو ناهي ته ايران مڪمل فتح ماڻيندو، پر اهو ضرور آهي ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي، وچ اوڀر لاءِ مقرر ڪيل پنهنجي “ٿانيدار” جي دهشت کي اڳ وانگر برقرار نه رکي سگهندا، جيڪا جنگ کان اڳ موجود هئي. البته ايندڙ ڏينهن ۾ اسرائيل جي پاڙيسري عرب ملڪن جو ڪردار وڌيڪ اهم بڻجي ويندو.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا هن جنگ ۾ ٽپي پوي ٿو ته ڇا عرب دنيا ۾ اسرائيل جا پاڙيسري ملڪ، ايران خلاف آمريڪا سان سهڪار ڪن ٿا؟ يا آمريڪا ايران خلاف جنگي ڪارروائيون ايراني نار جي ويجهو موجود پنهنجي جنگي ٻيڙن مان هلائيندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته يقيناً ايران، آبناءِ هرمز ۾ ڪارروائين کان پاسو نه ڪندو، جنهن سان عالمي واپاري سرگرميون متاثر ٿي سگهن ٿيون. هتي هي ڳالهه به اهميت واري آهي ته چين به پهريون ڀيرو پنهنجا جهاز کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ ٽي جنگي ٻيڙا پئسفڪ سمنڊ (بحرالڪاهل) ۾ مقرر ڪيا آهن. اهڙيءَ ريت هي ڳالهه به قابلِ توجهه آهي ته ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ آمريڪي جنگي جهاز هندي وڏي سمنڊ ۾ موجود آهن، جڏهن ته ٻي پاسي ايران به خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي حملي ۾ ڪنهن به ملڪ تعاون ڪيو ته ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

هن ڪالم جي آخري حصي ۾ پڙهندڙن کي اهو به ٻڌائي ڇڏجي ته، ”اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، 22 جون کان شروع ٿيندڙ پنهنجي حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ کي، عالمي حالتن جي پيش نظر، هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.“