واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ يوٽيوبر پنهنجي ٽيم سان گڏ 33 فوٽ، 2.74 انچ جي ڊومينو بلڊنگ ٺاهي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. يوٽيوب تي هيوش 5 نالي هڪ عورت يوٽيوبر واشنگٽن ڊي سي ۾ نيشنل بلڊنگ ميوزيم ۾ ڊومينو بلڊنگ ماهرن جي هڪ ٽيم گڏ ڪئي. هيوش ٽيم ۾ اسٽيفن برٽن، اليڪس هوانگ، بريڊي ڊولن، مائيڪل فينٽوزو، پال نيلسن، وِم وان اوٽرڊجڪ، وليئم فورڊ، پِم ويريز، ايوان ڪرامسڪوئي ۽ مارڪو وربِش شامل هئا. ٽيم پنجن ڏينهن ۾ 33 فوٽ، 2.74 انچ جو ڊومينو ٽاور ٺاهيو، جنهن 32 فوٽ، 10.8 انچ جو اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙيو. ٽيم ٽاور جي چوٽيءَ تي هڪ رانديڪو اڇلائي ۽ ان کي ڪريندي ڏسي رڪارڊ جو جشن ملهايو.