لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) لاهور، ڪراچي ۽ ملتان ۾ اڪيڊميز کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، ٽنهي شهرن جي اڪيڊميز ۾ سال بھر مختلف پروگرام جاري رهندا، جن ۾ ايج گروپ پاٿ وي پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ بينچ اسٽرينٿ تي ڪم ڪيو ويندو، پرفارمرز کي اين سي اي ۾ رکيو ويندو ۽ ڪوچ انهن تي ڪم ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته انڊر 19 ڪرڪيٽرن کي ملتان ۾ تربيت ڏني ويندي ۽ ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ٻيون امڪاني رانديگرياڻيون ڪراچي ۾ هونديون. عورت ڪرڪيٽرن کي هن سال جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۽ ايندڙ سال جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهي. ماضي وانگر، عاقب جاويد هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيڊميز کي آباد ڪندو.