ويلنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) نيوزيلينڊ ۾ مهاڻن کي ان وقت زندگي جي سڀ کان وڏي لوڏي کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن سمنڊ ۾ شڪار دوران 400 ڪلوگرام وزني ڊولفن سندن ٻيڙي ۾ اچي ڪري، بي آف آئي لينڊز ۾ سالياني رسل فشنگ مقابلي دوران مهاڻن جي ان ٽيم جي ڏينهن جو آغاز تمام عام طريقي ٿيو، هنن مڇي پڪڙڻ جي اميد سان ڏورين کي پاڻيءَ ۾ وڌو، پر حالتن ۾ ان وقت اوچتو ڊرامائي تبديلي آئي، جڏهن ڊولفن پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري 2 کان 3 ميٽر اوچائي تي ٽپو ڏنو ۽ سڌي ٻيڙيءَ ۾ اچي ڪري، ان جي ڪرڻ سان ٻيڙي جو ڪجهه سامان پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو، جڏهن ته راڊز ۽ اوزارن وارن بينچ ڀڄي پئي، ڊولفن جي اوچتو ٻيڙي ۾ ڪرڻ سان هڪ مهاڻو ذري گهٽ پاڻ کي چيڀاٽجڻ کان بچائي سگهيو، جڏهن ته هڪ کي ڊولفن جي پڇ جي حملي کي منهن ڏيڻو پيو، خوش قسمتي سان ٻيڙي ۾ موجود ڪو به ماڻهو وڌيڪ زخمي نه ٿيو، ان گروپ طرفان سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين ته اسان ڊولفن جي اوچتو ٻيڙي ۾ ڪرڻ سان اسان سڀ اڏامي وياسين، جڏهن هڪ هڪ ته ترڪي مٿي ڀر هيٺ ڪريو، پوسٽ موجب پائپ ذريعي ڊولفن کي آلو رکيو ويو ته جيئن اها زنده رهي سگهي، ڇو ته انهن لاءِ ايتري وڏي ڊولفن کي کڻي ڪري پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ ممڪن نه هو، ته انهن فوري طور تي مقامي عملدارن ۽ ڪوسٽ گارڊز سان رابطو ڪري مدد طلب ڪئي، انهن جي هدايت تي اهي ٻيڙي ۾ واپس ڪناري تي پهتا ۽ اتي ٽريڪٽر ذريعي ڊولفن کي کڻي واپس پاڻيءَ ۾ پهچايو ويو، اهڙيءَ طرح اها ڊولفن هڪ ڀيرو ٻيهر اونهي پاڻيءَ ۾ پهچي وئي، جڏهن ته مقامي ماڻهن ان جو نالو Tohu رکي ڇڏيو آهي.