ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ڊمپرن ۽ ٽينڪرن سبب ٿيندڙ شهرين جي فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ڊمپرن ۽ ٽينڪرن جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ روٽ پرمٽ جي جاچ لازمي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ڪراچي شهر ۾حددخليون بنا ڪنهن فرق جي ختم ڪيون وڃن ته جيئن ڪراسنگ تي ٽريفڪ جا مسئلا پيدا نه ٿين.  گورنر چيو ته اهو يقيني بڻايو وڃي ته ڊمپرن ۽ ٽينڪرن کي مقرر وقت تي عام شاهراهن تي داخل ٿيڻ جي اجازت هجي. ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته موٽرسائيڪل سوارن کي به پنهنجون سائيڪلون روڊ جي مقرر ڪيل پاسي تي هلائڻ گهرجن.