ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ڊمپرز ۽ ٽينڪرز جي حادثن ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته روزانه اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته هيوي ٽريفڪ ڏينهن جي وقت شهر ۾ داخل نه ٿي سگهندي، قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميداري آهي، ان ۾ عدالت ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟ عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته انتظامي معاملن ۾ ڪئين مداخلت ڪري سگهون ٿا؟ وڪيل درخواستگذار چيو ته هي بنيادر انساني حقن جو ڪيس آهي عدالت ڪيس ٻڌي ڪري فيصلو ڪري سگهي ٿي، عدالت داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه بابت دليل طلب ڪري ورتا، درخواستگذار جي وڪيل بيرسٽر حسن خان داخل درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي ڌر بڻايو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته روز جي بنياد تي ڊمپرز ماڻهن کي چيڀاڻي رهيا آهن، ڪراچي جي اندر ڊمپرز، ٽينڪرز ۽ هيوي ٽريفڪ منه ٿيل ٽائم ۾ هلي به رهيا آهن، جنهن سبب هڪ سال ۾ 8 هزارن جي لڳ ڀڳ شهري حادثي ۾ زخمي ٿيا آهن، هلندڙ مهيني جي اندر ڊمپرز ۽ هيوي ٽريفڪ جي واقعن ۾ 74 ڄڻا مارجي ويا، ڊرائيور گهڻو ڪري نشي جا عاڌي هوندا آهن، جنهن سبب حادثا پيش اچي رهيا آهن، جيڪڏهن عدالتي حڪمن جي باوجود هي واقعا نه روڪيا ويا ته احتجاج ڪيو ويندو.