ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ رجسٽري ڊفينس جي پارڪ واري جڳهه کي ڪمرشل استعمال ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي  ڪئي، ٻه رڪني بينچ حڪم امتناعي جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته پارڪ جي جڳهه تي نه ڪا اڏاوت ڪئي وڃي نه وري ڪا ڪمرشل ايڪٽوٽي ٿيڻ گهرجي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راحت پارڪ جي جا۽ تي نجي ڪاليج جي انتظاميه ڪمرشل ايڪٽيوٽي ڪري رهي آهي،  درخواستگذار جي وڪيل خواجه شمس اسلام چيو ته واڪ لا۽ ايندڙ ماڻهن کان فيس وصول ڪئي پئي وڃي، مسجد انتظاميه جي درخواست تي سنڌ ها۽ ڪورٽ جي هڪ بينچ پاران اسٽي ڏنو ويو، ٻئي بينچ اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو، ان بعد ڪمرشل اڏاوت شروع ٿي وئي.