ڪراچي (م ڊ) معيشتن جي درجابندي ڪندڙ عالمي اداري موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ جي ريٽنگ سي اي اي ون مان گهٽ ڪري سي اي اي ٿري ڪري ڇڏي. موڊيز موجب پاڪستان ۾ ناڻي مٽاسٽا جي کوٽ ۽ ٻاهرين صورتحال سان ڊفالٽ جو خطرو وڌيو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت جي رپئي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۾ قرض وٺڻ جي ريٽنگ گهٽ ڪئي وئي آهي.