ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) جديد واشنگ مشينن ۾ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ بهترين ڊٽرجنٽ باوجود اهو يقيني بڻائڻ تقريبن ناممڪن آهي ته اڇا ڪپڙا اڇا ئي رهن، جڏهن ته حيرت انگيز طور تي مٿي جي سور جي عام دستياب دوا ڊسپرين هڪ اهڙي شئي آهي، جيڪا اوهان جي ڪپڙن ڌوئڻ جي مٿي جي سور کي به ختم ڪري سگهي ٿي، اهو عجيب لڳي ٿو پر ڪيترن ماڻهن جي دعويٰ آهي ته اهو جڳاڙ واقعي ڪارگر آهي، واشنگ مشين ۾ ڪپڙن وجهڻ سان گڏ 325 ملي گرام جي 5 گوريون به وجهو، اهي اهڙو جادو ڏيکاري سگهن ٿيون، جنهن سان اوهان جي ڪپڙن جو رنگ خراب نه ٿيندو، بهتر اهو آهي ته گوريون هڪ وڏي پيالي يا گرم پاڻي جي ٽب ۾ وجهو ته جيئن اهي ڳري وڃن، ان ڊسپرين جي پاڻي جي ان وقت تائين هلايو، جيستائين سموريون گوريون مڪمل طور تحليل ٿي وڃن، ان کانپوءِ ڪپڙن کي ڊسپرين واري پاڻي جي ٽب ۾ وجهو ۽ انهن کي 8 ڪلاڪن تائين اتي پسائي رکو، اوهان واشنگ مشين ۾ به ڊسپرين گوريون شامل ڪري سگهو ٿا پر پسائي رکڻ جو طريقو بهتر ڪم ڪندو آهي، ڊسپرين واري پاڻي جي ٽب ۾ ڪپڙن کي پسائڻ بعد اوهان ڪپڙن کي واشنگ مشين ۾ ايئن ئي ڌوئڻ لاءِ وجهو جيئن اوهان عام طور تي ڌوئندا آهيو، اوهان ڪپڙن جي صفائي ۾ واضح فرق ڏسندا.