ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اڳ ۾ شاهه رخ خان جي سپرهٽ فلم “ڊر” ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب فلم انڊسٽري ۾ 30 سال مڪمل ٿيڻ تي عامر خان هڪ تقريب ۾ انڪشاف ڪيو ته يش چوپڙا کيس شاهه رخ خان کان اڳ فلم “ڊر” ۾ جنوني ولن جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، ان حوالي سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته مان فلم “ڊر” ۾ راهول مهرا جو ڪردار ادا ڪرڻ وارو هوس، پر پوءِ مختلف سببن ڪري مون يش چوپڙا کي اهو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سپر اسٽار جو چوڻ هو ته فلم تمام شاندار انداز ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ فلم جي ولن راهول مهرا جو ڪردار حقيقت ۾ شاهه رخ خان تي ئي سوٽ پيو ڪري. هن ڪردار ۾ شاهه رخ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته مان هن ڪردار سان انصاف نه ڪري سگهان ها، جيئن شاهه رخ خان ڪيو، هن ان ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 24 ڊسمبر 1993ع تي رليز ٿيل فلم “ڊر” جنهن ۾ هيرو جو رول سني ديول ادا ڪيو هو، سپر هِٽ ثابت ٿي هئي ۽ هن فلم شاهه رخ خان جي ڪيريئر کي ڪاميابي جي رستي تي وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن فلم ۾ جوهي چاولا جي ڪردار “ڪرن” جو نالو ادا ڪرڻ جو شاهه رخ خان جو انداز “ڪڪ، ڪڪ، ڪڪ ڪرن” تمام گهڻو مشهور ٿيو هو.