قصبو (ن پ ا) قصبي ويجھو ڊرگھه بالا اسپتال جي پراڻي ويران بلڊنگ چورن جي نشاني تي اچي وئي آهي، جتان لکين ماليت جو ڇتين ۾ پيل لوھه ڪڍڻ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي. عمارت پوليس ٿاڻي جي ڀرسان هجڻ باوجود پوليس ٿيندڙ وارداتن کان بي خبر  گذريل رات چور ڇت ۾ پيل ٽيئر ۽ سرون ڪڍي کڻي ويا پوليس کي مقامي ماڻھن جي فرياد جو آسرو شهر جي باشعور ماڻھن ايس ايس پي دادو کان معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن ۽ نااهل پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري  ڇڏيو  آهي. شهرين عبدالحميد ڏاهري شبير ڏاهري خدمت لغاري شاهنواز ڀرڳڙي طالب سرھيو ۽ ٻن جو ٻڌايو ته گذريل رات چور ڊرگھه بالا رول ھيلٿ سينٽر جي ڇت ۾ پيل ٽيئر ۽ سرون ڪڍي کڻي ويا آھن. پوليس جي نااھلي سبب رول ھيلٿ سينٽر جي پراڻي ويران عمارت ۾ پيل لکين رپين جو لوھه چورن جي اک ۾ آھي  گذريل ڪيتري عرصي کان ڇتين ۾ لکين ماليت جو لوھه چوري ٿيڻ جو سلسلو بند نٿي سگهيو جڏهن ته اسپتال جي عمارت ۽ ٿاڻو آمهون سامهون هجڻ باوجود پوليس چورن جو ڪوبه پتو نه لڳائي سگهي.