گمبٽ(ن پ ا) ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جو مرض وڌي ويو آهي ڪيترائي ٻار بيمار پيل آهن، نينگري شاهين شيخ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي آهي. نينگري جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. نينگري جي وارثن مطالبو ڪيو ته ڊرٻ ميهرشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.