ڪشمور(رپورٽر) ڊرون  گھرن مٿان ٿا گھمايو، ويڊيو پيا ٺاهيو، ڳرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، گيھلپور ڪچي جي ڌاڙيل جون دانهون ايس ايس پي ڪشمور کي ڌمڪيون، ان ڏس ۾ گيھلپور ڪچي جي ڌاڙيل بخت علي شر ايس ايس بشير بروهي ۽ گيھلپور ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ويڊيو سوشل اڪائونٽ تي جاري ڪئي آهي، بخت علي شر پاران جاري ڪيل ويڊيو ۾ چيو ته ايس پي بشير بروهي ڪشمور واسي ھندو نوجوان راجيش ڪيسواڻي جي اغوا بعد منهنجي گھرن تي ڊرون جھاز ڦيرائي ويڊيو ٺاهي رهيو آهي منهنجو ھندو نوجوان جي اغوا ۾ ڪو ڪردار ناهي، گيھلپور ٿاڻي جو ايس ايچ او شفيع محمد بنگوار منهنجي گھرن مٿان ڊرون موڪلي ويڊيوز ٺاهي ٿو، مان بشير بروهي ۽ ايس ايچ او شفيع بنگوار کي وارننگ ڏيان ٿو جيڪڏھن منھنجي گھرن کي ڪو نقصان ٿيو ته توهان جا روڊ رستا نه ھلندا ٽريفڪ نه ھلندي، ڪنھن کي ڪون ڇڏيندس.