سکر (بيورو رپورٽ) باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا ڊرون حملي ۾ مارجي ويل نوجوان ناري وارو معاملو، پوليس وارثن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر نه ڏنو، سڄي رات سول اسپتال ٻاهران پنهنجي نوجوان نياڻيءَ جي لاش کڻي پهتل پيرسن عورت واپس گهر پهتي، بنا پوسٽ مارٽم جي لاش دفنايو، تفصيل موجب باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ مبينا پوليس جي ڊرون حملي ۾ مارجي ويل 8 مهينن جي حاملا 22 سالا ناري سڪينا ڌيءَ ڀورل جتوئي جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ناري سڪينا جي امڙ مريدان نوجوان نياڻي جو لاش کڻي سکر ضلعي جي باگڙجي ۽ شڪارپور ضلعي جي جهلي ڪلواڙي پوليس وٽ پهتي، پر ٻنهي ضلعن جي پوليس کيس ليٽر جاري نه ڪيو، باگڙجي پوليس لاش بنا ليٽر جي سول اسپتال کڻي وڃڻ جو عورت کي چيو، پيرسن عورت پنهنجي نياڻي جو لاش لوڊر رڪشا تي کڻي اسپتال پهتي، جِتي سڄي رات ڊاڪٽرن جو انتظار ڪيو، جنهن دوران پوليس توڙي ڊاڪٽرن کي هن منٿون ڪيون پر ليٽر نه هجڻ سبب سڪينا جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو ۽ وارثن کي لاش واپس کڻي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻڍڙي عورت لاش کڻي واپس باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ واقعي ڳوٺ نيباهو پهتي، جتي لاش کي غسل، ڪفن ڏئي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ آباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، ناري جي والد ڀورل جتوئي جو وڊيو بيان به سامهون آيو آهي ڀورل جتوئي الزام مڙهيندي چيو آهي ته شڪارپور پوليس جي ڊرون حملي ۾ منهنجي نياڻي مارجي وئي آهي، حملي ۾ گهر جون ٽي عورتون به زخمي ٿيون آهن، سڪينا جي امڙ پنهنجي نوجوان نياڻيءَ جو لاش کڻي ٻنهي ضلعن جي پوليس وٽ وئي، نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي.