ڪراچي(شوبز نيوز) معروف اداڪاره مريم نفيس انڪشاف ڪيو آهي ته ڊرامن جي سيٽ تي سڀ کان وڌيڪ نمازون پڙهيون وينديون آهن. هڪ تازي انٽرويو ۾، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هن صدي ۾ به گهر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ عورتن کي خراب سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي شوبز سان لاڳاپيل عورتن کي سماجي طور تي گهٽ سمجهيو ويندو آهي. هن چيو ته اڄ جي جديد دور ۾ به، شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل عورتن کي سماج ۾ منفي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هر طبقي ۽ تعليم يافته پس منظر جون عورتون هتي ڪم ڪري رهيون آهن. اداڪارا چيو ته ڊرامن جي سيٽ تي سڀ کان وڌيڪ دعائون گهريون وينديون آهن، هر ڪو وقار ۽ احترام سان ڪم ڪندو آهي، ۽ ڪنهن جي به ڪم کي معمولي نه سمجهيو ويندو آهي.