اسلام آباد(شوبز نيوز) هم ٽي وي نشر ٿيندڙ ڊرامي سيريل ”نيم“ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نظام الدين گيلاني فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويو.اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ نظام الدين گيلاني کي مبينا طور سندس ڪزن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي ۽ جوابدار جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي پر قتل جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.