اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جو اجلاس، ڪائونسل ميمبرن جو حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد، مستقبل لاءِ تجويزون ڏنيون ويون. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام صرف فرد جي نه پر پوري ٽيم جي ڪوششن سان ممڪن ٿيو. اهي معيشت جي پائيدار ترقي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. خطي ۾ واپار جي فروغ جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو وٺنداسين. مقامي صنعت کي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو وڃي. صنعت جي ترقي، زراعت، آئي ٽي، روزگار ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ گرين ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز جي بهتري ۽ ڏورانهن علائقن تائين انٽرنيٽ جي سهولت ذريعي آئي ٽي ايڪسپورٽ ۽ فري لانسرز جي تعداد کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڊجيٽل ڪرنسي کي ريگيولر ڪرڻ جي حوالي سان پڻ مشاورت جاري آهي. هن چيو ته اڄ جي تعميري ڳالهه ٻولهه کي هڪ قابل عمل پلان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف گامزن آهي، قيمتن ۾ استحڪام پيداوار وڌائي رهيو آهي. حڪومت جي معاشي ٽيم سڀ اندازا ۽ تجزيا غلط ثابت ڪيا. اهو پهريون ڀيرو آهي ته عالمي معاشي ادارن، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن حڪومت جي ايڪشن پلان کي هڪ زبان ٿي تسليم ڪيو آهي. حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ادارتي سڌارن تي سنجيدگيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي. واپاري برادري ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان باقاعدگي سان مشاورت ڪرڻ تي ملڪ جي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هنن چيو ته ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ ترقي حڪومت جي قدمن جي ڪري ممڪن ٿي آهي جنهن لاءِ ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ، ضابطن کي آسان بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو. اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته ڪاروباري برادري جي حڪومتي معاشي ٽيم تائين پهچ آسان ٿي وئي آهي ۽ باقاعدگي سان مشاورت ٿي رهي آهي. ملڪ جي صنعت جو چرخو شروع ٿي چڪو آهي، هڪ مهيني ۾ برآمدات ۾ نمايان اضافو ان جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. سمگلنگ تي پابندي جي ڪري برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪا خوش آئند ڳالهه آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ جهانگير خان ترين، ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرنين، ڊاڪٽر اعجاز نبي، آصف پير، زيد بشير، سلمان احمد کان علاوه وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزير اعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن مختلف شعبن بابت وزيراعظم کي تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪائونسل ميمبرن جي تجويزن جي حوالي سان هڪ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.