آڳاٽي زماني ۾ عيد جون رونقون ھر پاسي ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. غربت جو زمانو ھو، ذريعا محدود ھئا، مگر عيد جي خوشين جو ڪو ڪاٿو نه ھو! سواري لاءِ پراڻين فورڊ ٽائيپ بسن يا ويگنن جو استعمال ڪيو ويندو ھو. ٻھراڙي ۾ زراعت سان لاڳاپيل گھڻي ڀاڱي ماڻهن جون خوشيون فصلن تي انحصار ڪنديون ھيون. جيڪو ھاڻي به آهي، مگر اڳي ھاري فصل پچڻ کانپوءِ ونگار جي صورت ۾ ان جو لابارو ڪري، لاباري لاءِ ونگار جو بندوبست ڪري، ونگارين لاءِ خاص طاهِرِي ڀت جو اهتمامُ ڪري بعد ۾ ان لاڀ پيل فصل کي سُڪائي ان جون ڀريون ٻڌي، ان کي ديري يا ٻار جي صورت ۾ رکي ان جي ڳاھ ڳاھڻ جا جيڪي سانباھا ڪيا ويندا هئا، اھو ڊگهي انتظار وارو وقت ھاري توڙي آبادگار لاءِ ھڪ آس ۽ اميد تي گذرندو ھو. ھاڻي ڊيجيٽل دور ۾ لاڀ لاءِ ونگار ڪرڻ، انهن لاءِ طاهري ڀت ۽ ڳاھ وارا مرحلا سڀ ماضيءَ جون ڳالھيون ٿي چڪيون آهن. فصلن جي ديرن تي بٽئي جو انتظار ڪندڙ ٻارن جون قطارون ناھن، نه وري اھي آھتي ئي رھيا آهن، جيڪي سڄو سال فصل تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندا ھئا.
انھيءَ زماني ۾ عيد جي موقعي تي چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪنهن لائيوِ ٽرانسميشن جي ‘ٽِڪر’ ۽ ‘بيپر’ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ ماڻھن جي سڌي ديد جون دوربينون چنڊ جي تلاش ۾ نڪري پونديون ھيون ۽ آسمان تي ڪڪر ھجڻ جي صورت ۾ سج لٿي کان اڳ ئي ريڊيو ھلائي ان ذريعي چنڊ ڏسڻ جي اعلان جو اوسيئڙو ڪندا ھئا. چنڊ نظر اچڻ جي گھڻي خوشي ٻارن کي ئي ٿيندي ھئي، مگر شھر جي بازارن جي لغڙين ۽ جھنڊين سان سجاوٽ مان اندازو ٿيندو ھو ته ڪاروباري ماڻهن خاص طور تي مٺائي جي دڪاندارن ۽ ھوٽل وارن کي عيد جو اوسيئڙو مڙئي ڪجھ سرس ھوندو ھو. ھوٽلن تي نئين فرنيچر جو اهتمام ڪري رنگ روغن ڪيو ويندو ھو ۽ ان موقعي تي ڪيسٽي فنڪارن طرفان عيد جي مناسبت سان خاص البم جاري ڪيا ويندا هئا ۽ ھوٽلن جي لائوڊ اسپيڪرن ۾ انهن ڪلامن جا ڌوڙيا ھوندا ھئا. ايتري قدر جو ھوٽل ۾ گڏ ويٺل دوست به ھڪ ٻي جي ڳالھ ڪونه ٻڌي سگھندا ھئا.
شھرن ۾ وري مک چؤسولن تي شھر جي سينيمائن ۾ عيد جي مناسبت سان اسپيشل فلمن جي نمائش وارا پوسٽر لڳايا ويندا ھئا ۽ شھري ماڻهو وري وندر ورونھن لاءِ سينيمائن جو رخ ڪندا ھئا. گھرن ۾ کاڌي پيتي جي خاص اهتمام طور ھٿ سان ٺاھيل سَيون تيار ڪيون وينديون ھيون. ٻھراڙي جا ماڻهو ڪارخاني تان اٽو پيهائڻ مھل ڪارخاني يا کري مالڪ کي فرمائش ڪري چوندا ھئا ته ھي اٽو سنھو پيٺو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان مان سَيون تيار ڪيون وينديون. اونھاري جي ڏينهن ۾ رنگ برنگي سيڪرين ملايل گولا ڳنڍا وڪڻڻ وارن وٽ ٻارن جي وڏي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. ھوڏانھن، دوستن جو ھڪ شھر کان ٻي شھر عيد مبارڪن لاءِ عيد ڪارڊ جو استعمال ڪيو ويندو هو. انھيءَ عيد ڪارڊ تي دوست کي عيد مبارڪون چئي سندس ايڊريس لکي پوسٽ آفيس جي دٻي ۾ وجهبو ھو، جيڪو ٻن ٽن ڏينهن اندر ڌڻيءَ کي رسي ويندو ھو.اھي سڀ ڳالھيون اڄ جي نوجوان لاءِ اوپريون آهن. ھر وقت ‘پب جي’ راند، يو ٽيوب جا پروگرام يا سوشل ميڊيا تي وقت گذاري جوان ٿيندڙ ٽھي انهن سڀني ڳالھين کان اجنبي بڻيل آهي. اڄ جو نوجوان سماجي رسمن رواجن کان پڻ اڻ واقف آهي. اھو ڏوھ اولاد جو آهي يا مائٽن جو، اهڙي بحث کي سائينداد ساند جي سِٽن ۾ “اھو ڇڏ کڻي…!!” چئي منظر نامي کي ٿورو اڳتي وڌائينداسين ته ھر نوجوان جي ھٿ ۾ اينڊرائڊ فون اچڻ سان ڄڻ اسان جون عيدون به اينڊرائڊ ٿي ويون آهن. ڇا اينڊرائڊ عيدن مان اسين اھو آسيس وٺي سگھون ٿا، جيڪو ٽي ڏھاڪا اڳ ۾ ڪنوينشنل طريقي سان ملھائجندڙ عيدن جو ھوندو ھو!؟ استاد بخاري جي سرائڪي شاعري جي مشھور سِٽن “عيد تي آسين يا مئين آوان، فون تي ڀاڪر ڪيوين پاوان!!؟” ۾ سمايل ميار جي برعڪس اڄڪلھ روبرو ملاقات جي بجاءِ ڊجيٽل ڳانڍاپا يقينن تيز ٿي ويا آهن. ان حوالي سان سوال آهي ته ڇا سماجي ڳانڍاپن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان ماڻهو ھڪ ٻئي کي ويجھو آيو آهي يا پرڀرو ٿي ويو آهي؟ ۽ ڊجيٽل دور جا سماجي رسمن ريتن تي ڪھڙا اثر پئجي رھيا آهن ۽ ڪيتري ڪيتري حد تائين؟ ان جو ڪاٿو لڳائڻ علم سماجيات جو اھم موضوع ٿي رھيو آهي.
90ع جي ڏھاڪي ۾ عيد جي موڪلن تي يونيورسٽي جي دوستن سان گڏ بولان ميل (ٽرين) جي اڪانومي ڪلاس ۾ دادو پھچڻ ۽ عيد جي موڪلن پڄاڻان ڪنهن ٿڌيرڙي موسم ۾ ايس آر ٽي سي بس جي ڇت تي چڙھي دادوءَ کان مورو ۽ موري مان حيدرآباد، ڀرپاسي جي فصلن ۽ باغن جا نظارا پسي ڄامشوري پھچڻ اسان لاءِ ڄڻ ھڪ انجوائمنٽ ھئي. ھونئن به ماضي ۾ گھاريل زندگيءَ جون ننڍيون خوشيون حياتي ۾ وڏي معنيٰ رکن ٿيون. سائنس جي اڄوڪي تيز ترقي ۾ انساني حياتي ذري گھٽ مشيني ٿي وئي آهي. ھڻ ھڻان جي دور ۾ انسان خود ڄڻ ته ھڪ مشين بڻجي ويو آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ماڻھو پنهنجو پاڻ کي ڊجيٽل شين مان Detoxify ڪرڻ وارن طريقن طرف ڌيان ڏئي ۽ ان لاءِ سائنسي تعليم سان گڏ آرٽ، ميوزڪ، سونهن، سٺائي ۽ فطرت نگاري طرف ڪجھ گھڙين لاءِ رجوع ڪري .
ناليواري سائنسدان ۽ ليکڪ آئنسٽائن پنهنجي ھڪ جڳ مشھور مضمون The World As I See It ۾ زندگي جي پيچيدگين ۽ انساني قدرن جو واضح اظھار ڪيو آهي. سندس چواڻي ته، ھن سماج جا سڀئي فرد زندگي گذارڻ لاءِ ھڪٻئي تي انحصار ڪن ٿا ۽ ھڪٻئي جو سھارو آهن. ايتري قدر جو ڪوئي سائنسدان به پنهنجي اردگرد سماج جي مددي ماڻهن جي سپورٽ ۽ تعاون کان بغير زندگي مشڪل سان ٿو گذاري سگهي. سندس بقول انسان کي پنهنجي حياتي ۾ سائنس جي کوجنا سان گڏ زندگي موسيقي، ثقافت ۽ لطيف فن طرف پڻ غور ڪرڻ گھرجي. ان حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته :
The ideals which have lighted me on my way and time after time given me new courage to face life cheerfully, have been Truth, Goodness, and Beauty. Without the sense of fellowship with men of like mind,of preoccupation with the objective, the eternally unattainable in the field of art and scientific research, life would have seemed to me empty. The ordinary objects of human endeavour–property, outward success, luxury–have always seemed to me contemptible.
(جنهن آئڊيلز مون کي منهنجي رستي تي روشني ڏني آهي ۽ مختلف وقتن تي مون کي زندگي کي خوشي سان منهن ڏيڻ لاءِ نئون حوصلو ڏنو آهي، اهي آهن: سچائي، سٺائي ۽ خوبصورتي. اگر ھم خيال دوستن سان گڏ ربط جو احساس نه ھجي ھا ۽ آرٽ (فن) ۽ سائنسي تحقيق جي ميدان ۾ ھميشه لاءِ حاصل نه ٿيندڙ مقصد طرف متوجھ ھجڻ جو جذبو نه ھجي ھا ته زندگي مون کي خالي خالي محسوس ٿئي ھا. انسان جي عام ڪوشش واريون شيون جائداد، ظاھري ڪاميابي ۽ آسائشون مونکي حقير لڳنديون آهن).
ساڳي مضمون ۾ دولت بابت آئنسٽائن جي راءِ پڻ عام رواجي ماڻهن کان بنھ مختلف آهي. ھو چوي ٿو ته،
I am absolutely convinced that no wealth in the world can help humanity
forward, even in the hands of the most devoted worker in this cause. The
example of great and pure characters is the only thing that can produce fine
ideas and noble deeds. Money only appeals to selfishness and always tempts its owners irresistibly to abuse it.
(آئون بلڪل پراعتماد آھيان ته دنيا جي ڪا به دولت انسانيت کي اڳتي نه ٿي وڌائي سگهي کڻي اھا ان مقصد لاءِ سڀ کان ايماندار شخص جي ھٿن ۾ ھجي. عظيم ۽ پاڪيزه ڪردارن جو مثال ئي اھا واحد شئي آهي، جيڪو سٺا خيال ۽ بلند عمل پيدا ڪري سگهي ٿو. پئسو فقط خودغرضي کي متوجھ ڪندو آهي ۽ ھميشه پنهنجي مالڪ کي ان جي غلط استعمال تي اتساهيندو آهي).
آئنسٽائن زندگي گذارڻ لاءِ سچائي، سٺائي، خوبصورتي ۽ انساني قدرن کي پنهنجي زندگيءَ جي رستي تي روشني جي مثل ٿو سمجھي. مگر اسين ان جي برعڪس، مڪمل طرح سان ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلائزيشن کي ئي زندگي جو ھڙ حاصل سمجھون ٿا. اسان جي ڳوٺن جون اوطاقون جيڪي نوجوانن جي تربيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪنديون ھيون، سي ويران ٿيڻ لڳيون آهن. اھي اوطاقون نوجوانن لاءِ ھڪ درسگاھ جي مثل ھيون، جتي سچائي، سٺائي، علم ۽ ثقافت سان گڏ نوجوانن کي لطيف شناسي جا درس به ملندا ھئا. عيدن برادن تي انھن اوطاقن ۾ رونق لڳي پئي ھوندي ھئي، مگر ھاڻي ‘تيز رفتار ۽ ڊجيٽل دور’ ۾ اھي رونقون گم ٿي ماضيءَ جو داستان بڻجي ويون آهن، جن جي ڳولا آئنسٽائن جي خيالن ۾ ڪري سگهجي ٿي.