ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اسڪولي استادن ۽ عملي جي حاضري جي ڊجيٽل مانيٽرنگ ۾ اهم اڳڀرائي، بنا اطلاع غير حاضري جي صورت ۾ ڊجيٽل فيڪٽ جي بنياد تي پگھار مان ڪٽوتي ٿيندي، حاضري لاءِ ٺهيل ايپليڪيشن ۾ چهري جي سڃاڻپ، جيو فينسنگ ڪنيڪٽوٽي ۽ آف لائين حاضري جا فيچرز شامل ڪرڻ جو فيصلو، موبائل ايپليڪيشن ۾ شاگردن جي داخلا جو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ روزاني جي حاضري کي به شامل ڪيو ويندو. ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاهه وٽ استادن جي ڊجيٽل حاضري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مانيٽرنگ اينڊ ايوليويشن ونگ استادن ۽ عملي جي حاضري واري ميڪينيزم کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ بابت هڪ ڊيمو پيش ڪيو، اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته استادن جي حاضري کي چهري جي سڃاڻپ جي بنياد تي آئرس (آءِ آر آءِ ايس) سسٽم سان ڳنڍيو ويندو، جنهن جي مدد سان استادن ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو ويندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ آر آءِ ايس جديد بايو ميٽرڪ ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا انساني اک جي رنگين حصي (آئرس) جي منفرد پيٽرن جو تجزيو ڪري سڃاڻپ ڪندي آھي. اها ٽيڪنالاجي تيز، درست ۽ محفوظ سڃاڻپ لاءِ مشهور آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موبائل ايپليڪيشن کي جيو فينسنگ سان ڳنڍيو ويندو، جيڪا هڪ لوڪيشن بيسڊ ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا GPS يا موبائل نيٽ ورڪ ذريعي ورچوئل حدون مقرر ڪندي آهي. استاد ۽ عملو اسڪول پهچڻ بعد ئي اها ايپليڪيشن استعمال ڪري سگهندا. جي پي ايس سبب انٽرنيٽ جي غير موجودگي ۾ به ايپليڪيشن ڪم ڪندي ۽ آف لائين حاضري به انٽرنيٽ بحال ٿيڻ شرط سرور تي اپڊيٽ ٿي ويندي. اجلاس ۾ وضاحت ڪئي وئي ته استاد ۽ عملي جي حاضري اسڪول اچڻ ۽ وڃڻ وقت لڳندي. صوبائي وزير سردار شاھه چيو ته ايپليڪيشن ۾ موڪل لاءِ درخواست جو آپشن به شامل ڪيو وڃي، انهي ۾ روزاني، هفتيوار، ۽ ماهوار رپورٽون ٺاهڻ جي صلاحيت به هجڻ گهرجي.