ڊجيٽل آدمشماري سنڌ لاءِ نقصان ۽ فائدا

0
45
ڊجيٽل آدمشماري سنڌ لاءِ نقصان ۽ فائدا

 اڃان 2017ع واري آدمشماريءَ جا 2022ع ۾ مڪمل انگ اکر مس ظاهر ٿيا هئا جو ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو عمل هيٺ آندو ويو آهي، جنهن بابت ٻن سالن کان ٻڌايو ٿي ويو. ان آدمشماريءَ تي به اعتراض سامهون آيو. نئين آدم ڳڻپ جي حوالي سان شماريات کاتي چيو آهي ته اهي اها ڳڻپ ڊجيٽل طريقي سان ڪندا ۽ ان حوالي سان ضروري شيون حاصل ڪيون ويون آهن يا ڪجن پيون گڏوگڏ عملي جي تربيت به ٿئي پئي. ان حوالي سان  2023ع  واري ڊجيٽل آدم ڳڻپ جو فارم به تيار ڪيو ويو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي خاص ڪري معاشي سرگرمين توڙي گهراڻي جي حوالي سان آهن. هن ڀيري پهريون ڀيرو فردن جي آمدني بابت تفصيلي سوال رکيا ويا آهن. جنهن ۾ سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين وارين آمدنين سان گڏ گهريلو آن لائين بزنس يا فري لانسنگ واري ڪمن بابت به داخلا رکي وئي آهي. جڏهن ته هڪ عمارت ۾ موجود گهراڻا توڙي هڪ گهراڻي اندڙ رهندڙ نڪاح ۾ آيل جوڙي کي به ان صورت ۾ الڳ گهراڻو مڃيو ويندو جيڪڏهن اهي گهر اندر پنهنجو رڌڻو الڳ ڄاڻائين ٿا. فارم نمبر هڪ ۾  شهر يا علائقي ۽ بلاڪ ڪوڊ کي رکيو ويو آهي. 2017ع ۾ فارم هڪ ۾ شناختي ڪارڊ جي نمبر جو خانو به شامل هو هن ڀيري ان جي جاءِ تي بلاڪ نمبر جو خانو ڏنو ويو آهي. ان فارم ۾ عمارت جي نوعيت بابت ڄاڻ جو اندراج ٿيندو ته اها ڪيئن آهي؟ هڪ گهر آهي يا گهڻ ماڙ، غار، جهوپڙي، خيمو آهي يا وري عمارت اڏاوت هيٺ آهي. عمارت جي هر حصي جا تفصيل به شامل ڪيا ويندا. جيڪڏهن ٻيڙي به رهائش لاءِ ڪتب اچي ٿي ته اها به رهائش وارو هنڌ ڄاڻائي ويندي. ان ئي فارم ۾ گهراڻي جي سربراهه جو نالو لکيو ويندو. گهر ۾ آمدني آڻيندڙ فردن جا اهي به تفصيل هوندا ته اهي ڪٿي نوڪري يا ڪم ڪندا آهن. گهراڻي جي سربراهه جو فون نمبر به درج ڪيو ويندو.  گهراڻي جي معاشي سرگرمين واري نوعيت کي به داخلا ۾ آندو ويندو، جيئن سلائي، ڀرت، قالين سازي، هٿ جا هنر، پولٽري، چوپائي مال جي پالنا، گهر ۾ آن لائين واپار يا فري لانسنگ سميت ٻين سرگرمين ۽ آمدني جي ذريعن جي داخلا ڪئي ويندي. گهراڻي جي رهائش جي نوعيت به ڄاڻي ويندي ته اها ذاتي آهي يا ڪرائي واري آهي، مفت واري رهائش آهي يا سرڪاري يا خانگي اداري پاران ڏني وئي آهي. رهائش جي مالڪ جي جنس به معلوم ڪئي ويندي ته مرد آهي يا عورت، هن ڀيري کدڙي فقير جو جاءِ جي مالڪ طور هجڻ وارو آپشن به رکيو ويو آهي. گهر ۾ ڪمرن جو تعداد به درج ڪيو ويندو ان سان گڏ گهر جي اڏاوت ۾ لڳل مدي جو به اندراج ڪيو ويندو. اڏاوتي طرز به معلوم ڪيو ويندو ته اوڏڪو گهر آهي يا پڪين يا ڪچين سرن جو ٺهيل آهي. اجتماعي رهائش ۾ هاسٽل، فوجي، نيم فوجي رهائشون، بيرڪون، ڪيمپون، جيلون، چرين جون اسپتالون، رهائشي مدرسا وغيره اجتماعي رهائش سمجهيا ويندا. عمارت جي اڏاوت آر سي سي آهي يا ٻي ڪنهن طرز جي ٺهيل آهي. پيئڻ ۽ گهريلو ڪم لاءِ پاڻي جي فراهمي واري توڙي ٻين گهريلو سهولتن بابت به معلومات حاصل ڪئي ويندي. گهر ۾ روشني جو ذريعو به معلوم ڪيو ويندو ته بجلي، سولر، گاسليٽ، بايو گيس يا ڪو ٻيو ذريعو آهي. گهر ۾ رڌڻي ۽ تڙخاني جي سهولتن بابت به داخلا رکي وئي آهي. مواصلاتي ذريعن بابت به ڄاڻ ورتي ويندي ته موبائيل جو استعمال ڪيو وڃي ٿو يا لائين واري فون ڪتب آندي ويندي آهي. گهرا ڻي ۾ مردن، عورتن، ٻارن ۽ کدڙن جو تعداد به شامل رکيو ويندو. جڏهن ته مادرين ٻوليون ڳالهائڻ جي حوالي سان پڻ انگ اکر ورتا ويندا. ان حوالي سان ڳڻپ ڪندڙ کي هدايت ڪيل آهي ته اهو ٻولي جي حوالي سان هر فرد کان الڳ الڳ معلومات وٺي ته سندس مادري ٻولي ڪهڙي آهي. تعليمي سرگرمين، صحت جي سهولتن، معذرور فردن ۽ انهن جي پالنا جهڙا تفصيلن جا انگ اکر به گڏ ڪيا ويندا. آبادي جا شهري ۽ ٻهراڙي واري رهائش وارا انگ اکر به حاصل ڪيا ويندا. عمرين جي حساب سان پڻ فردن جي معلومات گڏ ڪئي ويندي. پڙهيل اڻپڙهيل فردن جا انگ اکر توڙي تعليمي قابليت به معلوم ڪئي ويندي ته فرد جي ڪهڙي درجي تائين تعليم حاصل ٿيل آهي.

 ڊجيٽل آدمشماري 2023ع ۾ شيڊيول ڪاسٽ ذاتين جي نالي سان به ڳڻپ جو تفصيلي فارم شامل ڪيو ويو آهي. هن ڀيري ان ڳڻپ ۾ ملڪ اندر 40 غير مذهب ذاتين کي شيڊيول ڪاسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ بنگالي، برار، باويرا، بازيگر، ڀنگي، ڀيل، ڀانجيرا، چارڻ، ڌانڪ، ڍيڍ، جائيا، واگري، سوچي، ڪوري، پاسي، اوڏ، نٽ، ميگهواڙ ماڙيچا، ڪوچيرا وغيرهه شامل آهن. انهن کي 1957ع واري ڊڪليريشن تحت هندو مذهب سان لاڳاپيل شيڊيول ڪاسٽ ڄاڻايو ويو آهي. انهن فارمن يا ٽريننگ واري مواد موجب 2023ع جي ڊجيٽل آدم ڳڻپ ۾ انهن سڀني ماڻهن کي ڳڻيو ويندو جيڪو ڳڻپ واري ڏينهن ملڪ جي چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد جمون ڪشمير ۾ هوندا. رڳو سفارتخاني جي حدن اندر رهندڙ ٻين جي ملڪن جي عملي ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي نه ڳڻيو ويندو. انهن کي به ڳڻپ ۾ آندو ويندو، جيڪي ڳڻپ مهل جيئرا هجن ۽ ڳڻپ واري عمل کان ستت پوءِ فوت ٿي ويا هجن. انهن غير ملڪين کي به قوميت جي خاني ۾ ڳڻيو ويندو جيڪي عام آبادي ۾ رهائش اختيار ڪيل هوندا. ٻين شهرن جا ماڻهو جيڪڏهن عارضي توڙي ڳڻپ واري ڏينهن جنهن شهر ۾ موجود هوندا انهن جي ڳڻپ موجودگي واري ئي شهر ۾ ڪئي ويندي. سنڌ ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته ٻولي ۽ لساني معاملي ۾ سنڌين کي ڪٿي گذريل آبادي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪري نه ڏيکاريو وڃي. ان حوالي سان ٻيو اهم نڪتو اهو آهي ته سنڌين جي آبادي کي گهٽ ظاهر نه ڪيو وڃي. شناختي ڪارڊ جي نه هئڻ جي حوالي سان شماريات سان لاڳاپيل ماڻهن جو خيال آهي ته ان سان سنڌ جي شهري آبادي جو تناسب وڌي ويندو ۽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو صوبن جي ڳڻپ جي اندراج ۾ اچي ويندا جيڪي ٻئي صوبي سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته اهو رايو به سامهون آيل آهي ته سنڌ جي ڪوهستان، ٿر ۽ سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ ڪيتري ئي سنڌي آبادي جا شناختي ڪارڊ ئي ناهن ٺهيل، ان ڪري هن ڀيري اهي ڳڻپ ۾ ايندا، جيڪي اڳ ۾ ڳڻپ کان رهجي ويندا هئا. پر مجموعي طور ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بنا شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ سان قوميتي ڳڻپ ۾ فرق اچي سگهي ٿو. ان حوالي سان سنڌ جي ماڻهن کي خبرداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري ڳڻپ ۾ حصو وٺندڙ عملو ۽ سنڌ سرڪار ڪو به غير قانوني ڪم ٿيڻ نه ڏئي.