حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سازشي ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل رد سمجهون ٿا جڏهن ته پيپلزپارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ڊرامو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ لعل جروار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين ميھسر، ماھنور ملاح ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ صوبي ۾ حڪمران جماعت هوندي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرڻ، قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرائڻ جو بل پاس ڪرڻ بدران آل پارٽيز ڪانفرنس جو ڍونگ رچايو آهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌي عوام جي حقيقي موقف کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش آهي ان ڪري پيپلزپارٽي آل پارٽيز جو ڊرامو رچائڻ بدران آئيني فورمن سي سي آءِ، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي.