حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جي ڌرتي تي ٿيندڙ قبضن، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي قھري ڪارروائين جھڙن سنڌ جي وجود لاءِ سنگين خطرو بڻيل مسئلن لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ دانشور، اديب، شاعر، وڪيل، صحافي، سياسي، سماجي شخصيتون ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻھو سمجھون ٿا ته سنڌ اڄ جن مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي ان جو مکيه سبب ھي آھي ته پاڪستان جي وجود جو بنياد 1940ع وارو تاريخي ٺھراءُ آھي جنھن ۾ پاڪستان کي وجود ڏيندڙ قومن جي قومي حقن، وسيلن ۽ حق حاڪميت جي ڪنھن حد تائين ضمانت مليل ھئي پر بدقسمتي سان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جي پھرئين ڏينھن کان ملڪ تي قابض ٿيل حڪمرانن 40ع واري ٺھراءُ تي عمل ڪرڻ بدران ان جي خلاف زوردار نموني جنھن عمل جي شروعات ڪئي اھو اڄ ڏينھن تائين وڌيڪ زور شور سان جاري آھي جنھن جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ مسئلن جي خطرناڪ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي پر رياست خود عالمي سامراج ۽ آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جي آڪسيجن کانسواءِ ھلڻ کان لاچار آھي. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سيئينر اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، حور النساءَ پليجو، دي انٽيليڪچوئل فورم جي چيئرمين مسعود نوراني، ڪالم نگار دستگير ڀٽي، سينيئر صحافي جي اين مغل، صحافي نعمت کهڙو، اقبال ملاح، نور محمد بجير، اسحاق مڱريو، علي محمد ميمڻ، ڊاڪٽر بدر چنا، محمد بخش بروهي، تعليمدان فهيم نوناري،  ڊيلٽا ڊولپيمنٽ آرگنائيزيشن جي صدر شفيع مُرگر، صحافي مهيش ڪمار، اديب علي محمد پرويز ميمڻ، پروفيسر روشن خاصخيلي، سگا اڳواڻ قاسم ناريجو، محقق اياز علي، صحافي شاهنواز خاصخيلي، سماجي اڳواڻ مختيار عباسي، سورج پليجو، اديب يوسف سنڌي، شاعر محمد هنگورجو، شاعر راج راڄپر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي عمره سمون، عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ستار رند، عاطف ملاح، ساجده پرهياڙ، فاضل کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ ۽ لکين ڌارين کي گھرائي سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي تحت جيڪو سلسلو شروع ٿيو ھو، اھو وڌيڪ تيزي سان جاري آھي. ڊجيٽل آدمشماري به ان سازش جي ڪڙي آھي جنھن تحت سنڌين کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪري کانئن حق حڪمراني ڦري پئي وڃي. وقت کان اڳ غير قانوني غير آئيني بوگس ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري جو مرحلو ان وقت شروع ڪيو ويو هو جڏھن اڌ سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙيو ويو هو. لکين ماڻھو پنھنجا گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا ۽ ھزارين گھر ڊھي پٽ پئجي چڪا ھئا. ڊجيٽل آدمشماري دوران ٻوڏ وارن ضلعن جي اڪثر ماڻھن جي ڳڻپ ئي نه ڪئي وئي. ان وقت ئي سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين ۽ ساڃاہه وندن ان غير آئيني آدمشماري تي سخت اعتراض ڪري ان کي سنڌي قوم جي مٿان قھري وار قرار ڏئي سخت احتجاج ڪيو ھو پر ان جي باوجود پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل وفاقي حڪومت سنڌي قوم جي سخت احتجاجن ۽ اعتراضن کي بلڊوز ڪري، بوگس ۽ فراڊي آدمشماري ڪرائي ۽ ان کانپوءِ 5 ڊسمبر تي سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي دائمي مفادن تي وار ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي نگران وڏن وزيرن جي شرڪت واري غيرقانوني سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ان فراڊي بوگس آدمشماري جا نتيجا اھڙا پڌرا ڪيا ويا آھن جنھن ۾ سنڌين جو تعداد گھٽ ڏيکاريل آھي. سنڌي قوم اڳ به ھن فراڊي ۽ فرمائشي آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھاڻي به پڌرن ڪيل نتيجن کي مڪمل رد ڪندي ان کي پنھنجي تاريخي قومي وجود مٿان وار سمجھي ٿي ۽ سنڌي قوم ڪنھن به صورت ۾ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري کي قبول نه ڪندي. هنن چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون اڳ ئي ون يونٽ لڳائي سنڌين کان کسي ڌارين سيٽلرن سول ۽ فوجي آفيسرن کي ڏنيون ويون. وقت به وقت ڪنھن نه ڪنھن بھاني سنڌ جي زمينن تي تيزي سان قبضا جاري رکيا ويا. هنن چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ قيمتي زمينون ھڙپ ڪرڻ لاءِ زبردستي قبضا ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ته ٻئي پاسي زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي وفاق طرفان زبردستي قبضو ڪري ٻاھرين ملڪن جي سرمائيدارن کي وڪرو ڪري ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. اسين سنڌ جا ساڃاھ وند ان ڳالھ تي متفق آھيون ته سنڌ جون زمينون ۽ قدرتي وسيلا سنڌي قوم جي ملڪيت آھن. سنڌي قوم جي ملڪيتن ۽ زمينن تي وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار کي قبضو ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن سان وڪرو ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو سنڌي عوام کي پنھنجي تاريخي وطن ۽ ڌرتيءَ تان بيدخل ڪرڻ جي مجرمانه سازش آھي جنھن کي سنڌ جو عوام ھر گز قبول ڪونه ڪندو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جون سرڪاري زمينون بي زمين مسڪين ۽ غريب ھارين ۾ مفت ورھايون وڃن. سنڌ جي زمينن تي قبضن سان گڏوگڏ سنڌ جي تھذيبي ۽ تاريخي سڃاڻپ وارا ماڳ مڪان سخت خطري ھيٺ آھن. ڪارونجھر، گورک، موھن جو دڙو، ڀنڀور، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، نئون ڪوٽ جو قلعو، مومل جي ماڙي، کيرٿر، گنجو ٽڪر، ڪاھو جو دڙو ۽ ٻين سنڌ جي تاريخي ۽ تھذيبي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪرڻ، ڊاھڻ، ڪٽڻ، ملٽي نيشنل ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ، سرڪار طرفان بلڊر مافيا کي لکي ڏيڻ وارو سلسلو سنڌ جي تھذيب، تاريخ ۽ ثقافت کي ميسارڻ جي خطرناڪ سازش آھي. سنڌ دشمن قوتون اھڙين سازشن کان باز اچن. سنڌ جو ھر ھڪ فرد پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڪنھن به قرباني ڏيڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو. هنن چيو ته سنڌ جي گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، سکر، قمبر شھدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن کي سرڪاري پٺڀرائي ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن، ڌاڙيلن جي آماجگاہه بڻائي ڇڏيو آھي. ڌاڙيلن کي افغانستان مان اھڙا جديد ھٿيار ملي رھيا آھن جھڙا طالبانن وٽ آھن. درياءَ جي ڪچي وارن علائقن کي ڌاڙيلن پنھنجي نجي ڇانوڻي بڻائي ڇڏيو آھي جتي آزادي سان ڌاڙيل يرغمالين تي وحشياڻو تشدد ڪري انھن جي وڊيوز ڀري، وائرل ڪري يرغمالين جي عزيزن کي ڪروڙين رپيا ڀنگ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. اسان سمجھون ٿا ته اھا سنڌ دشمن قوتن جي ھڪ منظم سازش آھي ته جيئن مٿين ضلعن جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ۽ ٻين ضلعن ۾ چورن ۽ ڦورن وسيلي بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪري عوام کي قيدي بنائي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ۽ وسيلا آساني سان بنا ڪنھن مزاحمت جي ھڙپ ڪري وڃون. هنن چيو ته بدامني ۽ لاقانونيت جي صورتحال هي آهي ته نامياري صحافي جان محمد مھر کي سکر جهڙي شهر ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي رات قتل ڪيو ويو وڃي ٿو ته ٻي پاسي راڻيپور جي پيرن جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ مظلوم نياڻي فاطمه ڦرڙو کي لڄالٽ بعد بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. هي ڪانفرنس انھن اهڙن ٻين واقعن جي ڀرپور مذمت ڪندي گھر ٿي ڪري ته قاتلن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي.