ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گھوٽڪي جي اڳوڻي ايس ايس پي کي عدالت سان رابطو ڪرڻ مھانگو پئجي ويو، منير کھڙو عدالت کان معافي گهري ورتي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ گھوٽڪي جي اڳوڻي ايس ايس پي منير کھڙو کي ھٽائڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران منير کھڙو کان پڇاڻو ڪيو ته ڇو نه اسان ايس ايڇ او پريڊي کي گھرائي توھان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايون؟ جڏھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر اوهان جي درخواست رد ڪئي ته پوءِ ھتي ( ڪراچي) ڇو آيا آھيو؟ جنهن تي منير کھڙو معصوماڻي انداز ۾ چيو ته غلطي ٿي وئي، آئون پنھنجي درخواست واپس وٺان ٿو، بعد ۾ منير کھڙو عدالت کان معافي ورتي، جنهن بعد عدالت منير کھڙو جي پٽيشن رد ڪري ڇڏي،  ٻئي طرف  پوليس آفيسر  منير  کهڙو رابطو ڪرڻ تي نو ڪمينٽس چئي موبائل فون  بند ڪري ڇڏيو.