ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي 8 مارچ 1884ع تي پيدا ٿيو. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هو، 1928ع ۾ شاعريءَ ۾ تصوف جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين، پاڻ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، پوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ 1937ع ۾ پرنسپال ٿيو، کين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان تمام گهڻو چاهه هو، سندن لکيل نثري ادب عمدو ۽ سنڌي ساهت ۾ اهميت جوڳو آهي، لطيفيات جي ڏس ۾ سندن ترتيب ڪيل “شاهه جو رسالو” خاص حيثيت رکي ٿو، جنهن جا ٽي جلد ترتيب وار 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ شايع ٿيا، چوٿون جلد شايع ٿي نه سگهيو ۽ (نه ئي ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ شايع ٿيو آهي.) انهن ٽن جلدن ۾ آيل شاهه صاحب جي سوانح ۽ ڪلاسيڪل داستانن کي “روح رهاڻ”جي عنوان سان 1933ع ۾ ۽ رسالي ۾ آيل مقدمي کي “مقدمهء لطيفي” جي عنوان سان 1936ع ۾ الڳ ڪري شايع ڪرايو، ڊاڪٽر گربخشاڻي 11 فيبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.مقدمهء لطيفي شاهه صاحب جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ اهم معلومات ڏيندڙ ڪتاب آهي، هن ۾ آيل سوانحي احوال لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، مير علي شير قانع، ڊاڪٽر ٽرمپ، مير عبدالحسين خان سانگي ۽ مرزا قليچ جي ڪتابن مان مدد ورتي آهي.
مقدمي جي 10 فصلن کي ڪجهه مختصر حصن ۾ ورهايو ويو آهي، فصلن جا عنوان ۽ انهن جا ننڍا موضوع هن ريت آهي.
فصل پهريون؛ شاهه جي سوانح(اصل ۽ نسل، ولادت، ننڍپڻ ۽ تعليم، عشق ۽ نااميدي، سير ۽ سياحت، شادي، اولاد – دوست ۽ دشمن- شاهه ڪريم جو قبو اڏائڻ، نور محمد ڪلهوڙي جي دعوت، ڀٽ وسائڻ، شاهه حبيب جو قضيو، ڀٽ ڏي لڏڻ، مريد ۽ معتقد، آخرين ڏينهن ۽ وفات.)فصل ٻيو: شاهه جي صورت ۽ سيرت.(شڪل شبيهه، پوشاڪ، خوراڪ ۽ آرام، بي طمعي، رحمدلي، رياضت، نئڙت، پاڪدامني، گاني جو شوق)فصل ٽيون: شاهه جو مذهب(شيعو يا سني؟ امامن لاءِ قرب ۽ خليفن لاءِ عزت، شريعت جي پيروي – حج جو ارادو – ديني آزادگي، عشق جو مذهب.)فصل چوٿون: ويدانت ۽ تصوف(مذهب جا ٻه پاسا: ظاهري ۽ معنوي، يورپ ۾ معنوي مَتُ، ويدانت، شنڪر آچاريه – جيو آتما ۽ پرماتما، سنسار، مايا، اوديا، وديا، موڪشن، تصوف، صوفي لفظ جو اشتقاق، زهد ۽ رياضت – بايزيد بسطامي، منصور حلاج – انالحق، عشق ۽ عرفان، هستي ۽ نيستي، عالم ۽ انسان، عشق جو رستو، معرفت ۽ وصال.)فصل پنجون: شاهه جو شعر ۽ شاعري(شعر جي زندگي، شاهه ۽ ٻيا شاعر، شاهه جي بزرگي، جمال ۽ حق جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ، شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي، شاعر جي صنعت، فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش، شاهه جون مختلف لياقتون، سندس اوج ۽ بزرگي.)فصل ڇهون: شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت(شاهه جي شعر جا قسم، صوفياڻو، ناصحاڻو، عاشقاڻو، طبيعي، رزمي، مديحي، ظريفاڻو، عبارت ۽ استعارا.)فصل ستون: شاهه جو نظم(شعر ۽ نظم، شاهه وزن جي گهڻي دقت نه ورتي آهي، هندوستاني دوهو، دوهي جي بناوت، سنڌي دوها، شاهه جو طريقو، تجنيس حرفي، هندوستاني راڳ ۽ راڳڻيون.)فصل اٺون: شاهه جي سنڌي(شاهه جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌي، عربي صورتخطيءَ جي خامي، علم لغات جي اڻ واقفيت، لغت نويسيءَ جون چڪون، سنسڪرت جا ٽي درجا، سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون: پالي، پراڪرت، اپڀرنش، ٻوليءَ جي بگڙجڻ جا سبب، تلفظ جي تڪليف، تواريخي تبديليون، قومن جي لهه وچڙ، اصلوڪي لفظ جا ٻه چار قسم، ٻوليءَ جو بگاڙو، ان جو سڌارو آهي، تدڀو، (پراڪرت) تتسم (سنسڪرت) ديسي لفظ، علم لغات جي ضرورت.)فصل نائون: شاهه جون نحوي بناوتون(شاهه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرت سان مشابهت، حالتي پڇاڙيون جنس بي جان، ضميرن جي حالت اضافي، ضميري نشانيون، فعل معروف، فعل مرڪب، اسم مرڪب، ظرف ۽ حرف جي هاڻ متروڪ ٿي ويا آهن.)فصل ڏهون: رسالي جي تصنيف ۽ تاليف(رسالي کي ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ، وري لکجڻ، ٻين شاعرن بابت ساڳيون روايتون، شاعر پنهنجو ڪلام هر گز ضايع نه ڪندو، رسالي ۾ ٻين شاعرن ۽ سگهڙن جي بيتن جو وچور، ٽرمپ صاحب جو ڇاپو، بمبئي ڇاپو، سرڪاري ڇاپو، مرزا قليچ بيگ جو ڇاپو، مرزا صاحب جو رسالي نسبت رايو – هي ڇاپو.)
مقدمئه لطيفيءَ جي موضوعن جي ذڪر کانپوءِ ڪتاب مان ڪجهه حوالا ڏجن ٿا ته جيئن اڳيان هيٺ ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي.
شاهه جي ناصحاني شعر جي وڏي خوبي هيءَ آهي، جو هر نصيحت اهڙي دلپذير ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڏئي ٿو. جو پڙهندڙ جي دل ۾ ازخود چڀيو وڃي.
سر کنڀات، سر بروي سنڌي ۽ سرپورب جي بيتن مان جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ناز ۽ نياز، دلڪشي ۽ دلربائي، مايوسي ۽ مبتلائي، انتظاري ۽ بيقراريءَ جي بوءَ پيئي اچي. (ص-90)
”پرينءَ جا نيڻ سڦيلا آهن ۽ ڀرون ڪارا ڀونر، نيڻن جا نيزا عاشق جي جان تي وسڪارا وسائين ٿا پر عاشق جو جيءُ نينهن جي آريءَ ۾ اهڙو اڙيل آهي، جو پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي”. (ص-97)
شاهه جو طريقو هر طرح نئون آهي ۽ سنڌ جي حالتن تي پورو، سندس استعارا ۽ اشارا، ڪنايا ۽ تشبيهون، مڪاني حالتن جي مطابق آهن.
نج سنڌي لفظن استعمال ڪرڻ ۾ پنهنجي حب الوطنيءَ جي شاهدي ڏني اٿس. اهڙيءَ طرح وري پنهنجي شعر نظم ڪرڻ ۾ به پنهنجي آزاد طبعي ۽ وطني حب ڏيکاري اٿس.
ڊاڪٽر صاحب جي شاهه جي رسالي ۽ هن مقدمي تي انهيءَ وقت ۾گهڻا بحث مباحثا مشهور سنڌي اخبارن، سنڌ آبزرور، ڀارت واسي، سنڌو ۽ الوحيد ۾ آيا. خاص اعتراض هن ريت هئا.
1) مقدمئه لطيفي عنوان تي اعتراض، 2) هڪ هزار بيتن جو خون. 3) سنڌي ٻوليءَ جو خون، 4) بيتن جي معنيٰ تي اعتراض، 5) تصوف ۽ ويدانيت کي هڪ ڪري لکڻ. 6) سر ڪيڏارو جي رسالي ۾ داخلا، روحاني رازن جو خون.
مطلب ته ڄيٺمل موجب “رسالي کي سوڌيو نه پر لوڌيو ويو آهي تنقيد جو سلسلو ڳچ عرصو هليو، 1923ع ۾ ڇپيل انهيءَ رسالي کي اڄ هڪ صدي ٿيڻ واري آهي پر انهيءَ رسالي جي افاديت ۽ مقدمهء لطيفي جي اهميت قائم آهي، منهنجي نظر ۾ مقدمهء لطيفي ڪتاب جي مقبوليت جا هيٺيان اهم نڪتا آهن.
1) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه صاحب جي سوانح کي ڏند ڪٿائن کان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، کين سڄاڻ عالم ۽ اعليٰ پايي جو شاعر ثابت ڪيو.2) شاهه جي ڪلام جي گرامر تي ڪارائتو بحث ڪيو آهي. 3) کين زندگيءَ جو شاعر سڏيندي سندن ذهني، جذباتي ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ذڪر ڪيو آهي. 4) شاعريءَ جي سٽاءُ تي کانئن اڳ جيڪو لکيو ويو، انهيءَ کان مختلف ۽ منفرد تجزيو پيش ڪيو آهي. 5) سورمين جي سيرت نگاري يا داستانن جو احوال به مثالن سان اثرائتو ڏنل آهي. 6) شاهه جي ڪلام جي موسيقيءَ جي باري ۾ به هندي راڳن جي حوالي سان سندن ڏنل احوال نئون /شمار ٿيندو. 7) سڄو مقدمئه لطيفي سهڻيءَ ترتيب سان لکيل آهي، فصلن ۽ عنوانن جي ورهاست تمام احسن طريقي سان آهي. 8) شاهه جي سوانح جي باري ۾ آيل روايتون گربخشاڻيءَ لطائف لطيفي ۽ احوال شاهه عبداللطيف مان ئي ورتيون آهن پر هن ڪي به حوالا نه ڄاڻايا آهن، جيڪي ڄاڻائڻ کپندا هئا. باقي دائود پوٽي صاحب جي معاونت ۽ مرزا قليچ بيگ جي مدد ۽ همت افزائيءَ جي شڪر گذاري ڪئي اٿن. 9) آخري باب ۾ ليکڪ ڌارين ڪلام جي ڪڍڻ جا سبب ۽ انهيءَ جي وضاحت دليلن سان ڏني آهي ۽ کانئن پوءِ ئي شاهه جي ڪلام مان ڌارين ڪلام کي ڌار ڪرڻ جي روايت عمل ۾ آئي.
منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته، گربخشاڻيءَ ٻين وانگر شاهه جي مجازي عشق جي اثر هيٺ چيل سُرن مان ڇڪي تاڻي حقيقي معنيٰ نه ڪڍي ويتر ان کي شاعر جي حياتيءَ جي بيان ۾ جوڳي جاءِ ڏني اٿس. ليکڪ جي رچنا کي سندس زندگيءَ جي واقعن سان وابسته ڪري، ان جو اندازو لڳائڻ کي سوانحي تنقيد (Biographical Criticism) ڪوٺبو آهي، جو سڌريل طريقو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ استعمال ڪيو آهي”.
اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وٽ وسيلا گهٽ هئا ۽ کانئن اڳ جو هن موضوع تي لکيل مواد به ڪو خاص موجود نه هو انهيءَ لحاظ کان سندن مقدمئه لطيفي ۽ رسالي جي ترتيب کيرون لهڻي هيءُ پراجيڪٽ هڪ فرد نه بلڪه اداري جي معرفت ئي مڪمل ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ به ڪئين سال درڪار آهن.
مجموعي طور ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو مقدمهء لطيفي موضوع جي موافقت ۽ دليلن جي چٽائيءَ سان لطيفيات جو اهم ڪتاب آهي.