حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ  چمڙي جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت سندس گهران ڌاڙي ۽ قتل واري ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. آھي قاسم آباد جي ڀٽائي نگر م  قتل ٿيل نالي واري ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو قتل ٿيو هو  قتل ۽ سندس گهران ڌاڙي وارو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد حنيف لغاري, تنوير ڀٽو, منظور ڀٽو ۽ قائم ڀٽو سميت 4 جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي عدالتي فيصلي موجب ته جوابدار قتل واري ڏوھ ۾ 5,5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪندا ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين 6,6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ هڪ جوابدار راجا کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو واضح رهي ته 2023ع تي قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ قائم بنگلي مان ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو لاش مليو هو ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس سندس ڀاءُ جي فرياد تي  قتل جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي هئي