حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ هفتو اڳ گهر مان چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي ڳلو ڪپيل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قتل الزام ۾ گرفتار ڊرائيور حنيف لغاري کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽائي نگر پوليس عدالت کي اپيل ڪندي آگاهي ڏني ته جوابدار جاچ دوران مختلف بيان ڏئي رهيو آهي ان لاءِ کائنس وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي جنهن ڪري سندس هفتي جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي. 7 مارچ تي پنهنجي ئي گهر مان چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو جو ڳلو ڪپيل لاش مليو هو. 8 مارچ تي ڀٽائي نگر پوليس سندس ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته هو جيئن ئي پنهنجي ڀاءُ جي گهر پهتو ته کيس رت جا نشان نظر آيا جنهن بعد هن ڏٺو ته ٽي وي لائونچ ۾ ڌرم ديو جو لاش پيل هو. اتي موجود بورچي دليپ کان معاملي بابت پڇا ڪئي پر هن به کيس ڪجهه به نه ٻڌايو ڊرائيور حنيف لغاري ۽ ڀاءُ جي ڪار گهر ۾ موجود نه هئي.