ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ سياسي سماجي ۽ قومي ڪارڪنن کانپوءِ ڊاڪٽر به ڪئنالن خلاف ميدان ۾ اچي ويا آهن، ڊاڪٽر سنڌو بچائڻ لاءِ عملي طرح ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ ڪنڊيارو ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر غلام رسول رند پاران پنهنجي ڪلينڪ ۾ ايندڙ هر مريض کان مرض پڇڻ کان اڳ ۾ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ۽ ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻايا پيا وڃن ۽ پرچي تي اهو نعرو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر سماج جو اهم حصو آهن، سنڌو بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کپي، هن سنڌ جي سمورن ڊاڪٽرن کي صلاح ڏيندي چيو ته هو به سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.