عبدالمجيد ولد غلام حسين ميمڻ 11 سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور جي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو. 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ميمڻ عبدالمجيد ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ ايم اي رليجن پاس ڪرڻ بعد 1974ع ۾ “بيان العارفين جي تدوين ۽ اپٽار” تي مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي سندَ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. پاڻ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر طور ڪم ڪندي اڳيان هلي پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پرنسپال جي عهدي تان 1991ع ۾ ريٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جو سنڌي ادب ۾ پورهيو تمام شانائتو ڳڻيو وڃي ٿو. هن ستر کن ڪتاب لکيا ته انيڪ مضمون ۽ مقالا ڇپيل موجود آهن. پاڻ ادبي محفلن ۽ ڪانفرنسن جو ڪوڏيو هو. کين سندن قلمي پورهئي تي 1983ع ۾ سول اعزاز تمغهء امتياز سان نوازيو ويو. ڇپيل ڪتابن مان چند جا عنوان هن ريت آهن: “ڏور” (لوڪ ادب)، “ڏوهاري ڪير؟” (ترجمو- ناولٽ)، “ماڻڪ موتي لعل” (ٻه ڀاڱا)، “شاهه ڪريم جو ڪلام”، “تذڪره شعراء سکر”، “تاريخ قوم هڪڙا”، “پرک ۽ پروڙ” (تحقيق)، “سکر جهڙي سونهن” (ترتيب)، “سنڌي علم ادب- اصول ۽ اهڃاڻ” (تنقيد)، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو”، “سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري”، “سچل جو سنيهو”، “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو”، “شڪارپور ماضي ۽ حال”، “سيرت النبيﷺ”، “سنڌي ثقافت جا اسلامي اثرات”، “شڪارپور جي ٻولي”، “سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق”، “تفسير هاشمي” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، اردو ٻوليءَ ۾ “حضرت قلندر لعل شهباز”، “سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ”، “لسانيات پاڪستان“، “نگارشاتِ سنڌ”، “پاڪستان مين صوفيانه تحريڪين” آهن، سندن وفات 11 فيبروري 1996ع تي ٿي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم جو لکندڙ هو، سندن ڪتابن جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته موضوعاتي طور هن ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اڀياس کي ترجيح ڏيندي تاريخ جي حوالي سان پڻ وڏو ڪم ڪيو. شاهه ڪريم جي شاعريءَ تي سندن ڪم خاص شمار ٿئي ٿو ته قلندر شهباز، سچل سائين ۽ لطيف سرڪار سان پڻ عقيدت ظاهر آهي. لطيف سائينءَ بابت ڪم جي مَدَ ۾ سندن ترتيب، تدوين ۽ تحرير ڪيل ڪتابن جو انگ 13 تائين وڃي ٿو، چند هن ريت آهن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، معرفت جا موتي، تند تنوار، عرفان لطيف، فڪرِ لطيف، سر ڏهر (شاهه لطيف جي سر ڏهر جو متن ۽ تشريح)، جانب جو جمال، سر ڪلياڻ (معنيٰ ۽ متن)، پيغام لطيف، آوازِ لطيف، لطيف جو پيغام، سر سارنگ (متن ۽ معنيٰ)، لطيفي لات،
شاهه عبداللطيف جي سوانح جي باري ۾ محقق ڪجهه تاريخي حوالن تي بحث ڪندي بيان العارفين کي مستند قرار ڏنو اٿن. خودشناسي شاهه جي نظر تي لکن ٿا ته، شاهه صاحب جي فڪر جو بنياد ئي آهي، “پاڻ سڃاڻڻ”. انهيءَ ڪري ئي فرمايو اٿن ته “پهرين سڃاڻج پاڻ، پڇج پوءِ پريتڻو”. شاهه جي نظر ۾ زندگيءَ جو تصور ليکڪ مطابق اهو آهي ته هو ڪوشش سان مقصد حاصل ڪرڻ کي ترجيح ٿو ڏئي انهيءَ ڪري فرمائي ٿو ته؛
ويٺي ور نه پُون، ستي ملن نه سپرين،
جي مٿي رندن روُن، ساڄن ملي تن کي.
شاهه جي عظمت کي ڊاڪٽر ميمڻ ڪلام جي فڪري گهرائي اندازِ بيان ۾ دلڪشي، اثر انگيزي ۽ انفراديت مطابق سمجهايو آهي. سندن موجب ته شاهه جو فڪر ۽ فلسفو هڪ وڏي پيغام جي حيثيت رکي ٿو، اهائي شاهه جي عظمت آهي. “نوجوان ۽ شاهه” مقابلي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي نوجوانن کي ڄاڻايو آهي ته شاهه جو پيغام توهان لاءِ وڏي ڪشش جو باعث آهي. جنهن جي فڪر جي روشنيءَ ۾ نوجوان نسل پنهنجو ڪردار سنواري سڌاري پنهنجي شخصيت جي تعمير ۽ تطهير ڪري سگهي ٿو. “رسالي جي ڪهاڻين جو فڪري ۽ فني جائزو” ۾ شاهه جي ڪلام ۾ آيل تمثيلي قصن جي تاريخي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي ۽ مثالن سان اهو ثابت آهي ته شاهه صاحب سورمين جي زباني زندگيءَ جو اعليٰ فڪر، خودشناسي ۽ خداشناسيءَ جو درس ڏنو آهي. “سر ڪلياڻ مضمون ۽ فلسفو” توحيد جي عقيدي جي اپٽار سان گڏ شرڪ کان بچاءُ جا رستا ڏسيا ويا آهن. سندن موجب هن سُر ۾ سالڪ کي سلوڪ جي راهه ٻڌائي ويئي آهي، ته جنهن تي هلي هو منزل مقصود تي پهچي سگهي. ڊاڪٽر صاحب سر مارئيءَ جي مضمون ۾ رسالي ۾ آيل قرآني آيتن تي بحث ڪيو آهي ۽ قرآن پاڪ مان ٻيا به ڪافي حوالا ڏنا اٿن ۽ سر مارئيءَ جي باري ۾ شاهه جي محققن ۽ شارحن جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ مولانا قاسمي جا رايا پڻ آهن.
”سر سامونڊي جو فلسفو” ۾ مجيد صاحب لکي ٿو ته، “شاهه سڏ ٿو ڏئي ته جهڙيءَ ريت سامونڊي سفر اجهاڳ آهي. اهڙيءَ ريت روحاني سفر جي منزل جو به ڪاٿو ئي ڪونهي”. “سر ڪاموڏ جو ادبي جائزو” ۾ شاهه صاحب جي شاعراڻي اسلوب تي ادبي لحاظ کان بحث ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب موجب ته هن سُر ۾ ڪيترائي بيت ساڳئي انداز سان شروع ٿين ٿا، جيئن “تون سمون آئون گندري”. هن نموني سان شروع ٿيل ست بيت آهن، پر شاعر ساڳين لاڳيتن بيتن ۾ ساڳيو مقصد (خالق ۽ مالڪ جي اڳيان عاجزي ۽ نهٺائي) بيان ڪندي به لفظن جي ٿوري ڦير ڦار ۽ اسلوب جي بيان سان نواڻ پيدا ڪئي آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي روحاني ۽ ذهني لطف اچي ٿو. لاڳيتا بيت ساڳئي فقري سان شروع ٿين، انهن کي “وراڻ” وارا بيت چيو ويندو آهي. انهيءَ کان علاوه سر ڪاموڏ جي ادبي خوبين ۾ ساڳيا قافيي وارا لفظ تجنيس حرفي ۽ اندروني قافيو ۽ ٻيون خوبيون بيان ٿيل آهن. سر سهڻيءَ لاءِ لکي ٿو ته، “شاه صاحب سهڻي جي ڪيفيت بي اختيار ڏٺي آهي، جيڪا موج ۾ ڀريل مهراڻ ۾ ڊڄي پير پوئتي نه ٿي هٽائي ۽ نه ئي حيلن، وسيلن جو ٿي ويچاري، مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيئي پوڻ جي اهڙي ئي ڪيفيت کي سالڪن ۽ عارفن “مستي” سڏيو آهي. مستي عشق الاهي جي حد ڪمال جي نشاني آهي.“
“سر سارنگ جو مطالعو” ۾ ميمڻ صاحب ڄاڻائي ٿو ته، “شاهه صاحب هن سر ۾ اسلام جي روحاني اخلاقي فيض جو ذڪر علامتي ۽ تمثيلي انداز سان ڪيو آهي”. “سر ڪاپائتيءَ جو فڪري ۽ لساني جائزو” ۾ سنڌ جي خاص هنري ۽ فني لفظن ۽ اصطلاحن جو لسانيات جي حوالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ سندن موجب ته سرڪاپائتي ۾ شاهه صاحب فڪري طور زندگيءَ جي مقصد کي واضح ڪيو آهي ۽ ايندڙ زندگيءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. “سر سريراڳ جو مطالعو” ۾ تاريخي پس منظر جي حوالي سان سنڌ جي تجارتي ماحول جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي” ۽ “سر رامڪليءَ جو اڀياس” ۾ ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته، “شاهه صاحب سر رامڪليءَ ۾ جيڪا تمثيل رکي آهي، سا وحدانيت، شريعت، اسلامي عقيدن، اسلامي تصوف جي اصولن جي اپٽار آهي”.
لطيف جو پيغام ڪتاب شاهه صاحب جي ڪلام جي علمي، ادبي ۽ فڪري پهلوئن جو احاطو ڪري ٿو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مختلف رخن سان شاهه جو ڪلام متعارف ڪرايو آهي، پر گهڻي ڀاڱي، تصوف، روحانيت وحدانيت ۽ اسلام جي عظمت، شاهه جي نظر ۾ انساني زندگي ۽ شاهه جي وقت جون سياسي سماجي، معاشي حالتون ۽ سندن ڪلام جي ڪجهه سُرن جو علمي ۽ ادبي اڀياس شامل آهي.“بيان العارفين” جي تحقيق جي باعث تصوف خاص طور سندن موضوع رهيو. ان ڪري پاڻ هن عنوان کي تمام سهڻو نڀايو اٿن ۽ ڪتاب ۾ پيش ٿيل مضمونن ۽ مقالن مطابق هيءُ هڪ لاڀائتو ڪتاب آهي.