ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) برک تعليمدان پروفيسر اعجاز قريشي چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ نوڪري دوران منهنجي غلام محمد لاکي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي، جيڪا سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهي. مون کانئس سدائين اتساهه ورتو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون اٽڪل پنج ڏهاڪن ۾ پنجاهه کن ڪتاب لکي ورتا آهن، ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل پاران ناليواري تاريخدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌ جو ساڃاهه ۽ شعور هو، سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ تمام وڏي عالم، ڏاهي استاد ۽ محقق کان محروم ٿي وئي آهي، اهڙا ماڻهو قومن ۾ قسمت سان پيدا ٿيندا آهن،. ھن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جي علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽين ۾ چيئرز قائم ڪيون وڃن. ناليواري اديب ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي لڳاتار محنت، جفاڪشي ۽ تحقيق ڪري تاريخ جا ڪيئي رخ روشن ڪيا، سمن جي دور تي سندس ڪيل تحقيقي ڪم اهميت جوڳو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي پٽ سرفراز لاکو چيو ته سندس والد پنهنجي سروس دوران ڪڏهن به اهڙي ذميواري قبول نه ڪئي جنهن سان سندس ڪيئرير تي ڪو داغ لڳي يا مٿس آڱريون کنيو وڃن، هو گهڻو وقت تدريسي، علمي ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪندي گذاريندو هو. ميڙاڪي کي واحد ڪانڌڙو، مسرور پيرزادو، ارشاد اوٺو، فقير محمد لاکو ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ خطاب ڪيو