ڊاڪٽر فهميده حسين جي لطيف شناسي

0
21
ڊاڪٽر فهميده حسين جي لطيف شناسي

”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ عنوان سان پي ايڇ ڊي لاءِ منظور ٿيل مقالو ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. 527 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1993ع آگسٽ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي طرفان شاهه صاحب جي ٻه سؤ اوڻونجاهين ٻارهين جي موقعي تي شايع ٿيو.

                 ڊاڪٽر فهميده حسين جو جنم 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊو ڄام ۾ ٿيو. هن ايم اي (انگريزي) ۽ ايم اي (سنڌي) کان پوءِ مٿئين عنوان تي ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر فهميده جي ادبي سفر جي شروعات مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ٿي. اڳيان هلي سندن لاڙو تحقيق ڏي مائل ٿي ويو. ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاهه لطيف کي شاعري مين عورت کا روپ“، پير حسام الدين راشدي، هوائن جي آڌار (سفرنامو) ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”دنيا جون شاعر عورتون“ (عورت شاعرائن جي چونڊ شاعري)”برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو. (ترجمو)، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ (ڪهاڻيون)، ”جان جان هئي جيئري“ (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب آهن،

مقالي جي بابن جا عنوان هن ريت آهن.

باب پهريون: عورت جي عنوان سان ۾ انساني ارتقا بابت نظرين مان، عورت بابت نظريا، قديم انساني سماجن ۾ عورت مرد جا تعلقات، دنيا جي ڪجهه قديم سڌريل سماجن ۾ عورت، عرب سماج ۾ عورت (اسلام کان اڳ ۽ پوءِ) ۽ هند ۽ سنڌ ۾ عورت  جو ذڪر شامل آهي.

باب ٻيو: ”شاعري“ ۾ لوڪ ادب ۾ عورت جو روپ، روايتي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ شاهه لطيف جي شاعريءَ کان اڳ جي اساسي شاعريءَ  ۾ عورت جو روپ آهن.

باب ٽيون: ”شاهه عبداللطيف“۾ شاهه جو دور، شاهه جي حياتي ۽ ان ۾ آيل عورتن جو احوال شاهه جي شاعريءَ جون خوبيون آهن.

باب چوٿون: ”شاهه جون سورميون“ ۾ شاهه جي سورمين مارئي، سسئي، سهڻي، نوري، مومل، ليلا ۽ سورٺ جي ڪردار نگاريءَ تي بحث ڪيل آهي.

باب پنجون: ”ٻين ڪجهه سُرن ۾ عورت جو ڪردار جي عنوان هيٺ سُر کنڀات، سر سارنگ، سر ساموندي جون وڻجاريون ڪاپائتيءَ جو ڪٽڻ واريون، ڪيڏاري جون بهادر عورتون ۽ موکيءَ جي ڪردار جي اپٽار ڪيل آهي.

باب ڇهون: ”شاهه جي پيش ڪيل عورت جو روپ“ جا ذيلي عنوان آهن، ”شاهه جي شاعري ۽ عورت“، ”شاهه جون سورميون ۽ عشق“.

تحقيق مان چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا،

”عورت جڳن کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آهي. هن بي انت مصيبتون ۽ مشڪلاتون سٺيون آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾ سڌريل توڻي اڻ سڌريل سماجن ۾ هن لاءِ عجيب و غريب مفروضا گهڙي هن کي ڪمزور ناپاڪ، ڪمتر ۽ نڀاڳي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.(ص-32)

تاريخي دورن جي حوالي سان عورت جي حيثيت تي بحث ڪندي لکيو اٿس ته، ”سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جون حڪومتون خالص مڪاني هيون. هن دور جي عورت جو ڪردار انهيءَ دور جي شاعريءَ ۾ واضح آهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ عورتن جي حالت جو نقشو انگريز سياحن ۽ حڪومت جي ڪارندن جي احوالن مان ڏسي سگهجي ٿو“. سندن موجب ته، ”سڀني کان وڌيڪ ڪلهوڙن سنڌين کي نقصان پهچايو جو هنن مذهب جو استعمال ڪندڙ ماڪڙ جي اچڻ کي همٿايو، جن ماڻهن جو اَلهه تلهه ڦري ٿي ورتو. ظاهر آهي جڏهن عام ماڻهو معاشي طور تباهه حال هوندو ته وهمن وسوسن، ۽ غلط رسمن ۾ پناهه ڳوليندو ۽ سندن عورتون پڻ ساڳي پستيءَ ۾ هونديون“. (ص-83)

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار جي موجودگيءَ کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلاسيڪي لفظ جي وضاحت هن ريت آهي؛

”لفظ ”ڪلاسيڪي“ پنهنجي معنويت جي لحاظ کان خاص ڪري آرٽ جي حوالي سان پرکبو ته محسوس ٿيندو ته اهو وقت (زمان) ۽ هنڌ (مڪان) جي ٻنڌڻن کان آزاد فن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. وقت جهڙي هڪ سگهاري قوت فنڪار جي جسم کي ته فنا ڪريو ڇڏي پر سندس فن ۽ ان حوالي سان سندس نالي کي بقا بخشي ٿي. اهي فني تخليقون ۽ عظيم ادبي شاهڪار جيڪي هميشه زنده رهڻ جي سگهه رکندا هجن ۽ وقت کي ماري مات ڪرڻ جي قوت منجهن هجي. انهن کي ڪلاسڪ جو درجو ملندو آهي. “(ص-140)

ڊاڪٽر فهميده شاهه صاحب جي ٻين سُرن ۾ آيل عورتن جي ڪردار نگاريءَ ۾ موکيءَ لاءِ لکيو آهي ته،

”شاهه صاحب شراب جي بٺي ۽ هٽ هلائيندڙ عورت کي ڪريل ڪردار جو انسان سمجهڻ جي بدران سندس سچائيءَ جو قائل آهي. هو موکي ۽ متارن جي وچ ۾ ويساهه، خلوص ۽ پنهنجائپ جي ان رشتي کي ٿو ڏسي، جنهن سبب متارا زهر مليل شراب به پي ويا ۽ جي مئا ته ان زهر کان نه پر ويساهه ٽٽڻ سببان مئا. اها شاهه صاحب جي ذهني وسعت ۽ روشن خيالي آهي ۽ سندس نظر ۾ عورت جي عزت آهي جو هن موکيءَ کي روايتي ساقيءَ واري ڪا به خصوصيت ڪا نه ڏني.“

تحقيق جا اهم نڪتا:

* شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻن هنڌن تي خود کي عورت جي روپ ۾ آڻي محبوب کي مرد جو روپ ڏيئي، ڪلام فرمايو آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن عورت ذات خاص طور سنڌي عورت جي نفسيات جو عام ماڻهن کان وڌيڪ گهرو مطالعو ڪيو آهي. هو عورت جي حساس جذبن جو نه فقط امين آهي. بلڪه هو انهن جي احساسن جو پيامبر به آهي.

* هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌي عورت کي وڏي عظمت ڏني آهي، پنهنجي سورمين جي خطائن جي به خطا پوشي ڪئي آهي.

* شاهه صاحب سورمين جي سيرت نگاري سهڻائيءَ سان ثابت ڪرڻ لاءِ سندن مثبت روين کي وڌيڪ سهڻن ۽ اثرانگيز لفظن جي گهاڙيٽن سان بيتن ۾ پيش ڪيو آهي،

* شاه صاحب جتي پنهنجي ڪردارن ۾ عورت جي اندر جي سونهن کي ساراهيو آهي اتي انهن جون ڪي غلطيون آهن ته کين تنبيهه به ڪئي آهي، پر لطيف سرڪار عورت جي عزت نفس کي مٿانهون رکيو آهي.

* مارئي وٽس، ڪردار جي بلندي، حب الوطني، ارادي جي مضبوطي ۽ مستقل مزاجيءَ جي مظهر آهي. سسئيءَ جي اڻ ڳڻت ڏکن، همت ۽ جرئت شاهه جي نظر ۾ سڀني سورمين کان مٿانهون مقام ماڻيو آهي. نوريءَ جي نياز ۽ نِوڙت، صبر ۽ خودداريءَ سببان هوءَ هڪ آدرشي ڪردار آهي. مومل جي هلڪي ۽ ناز نخري واري طبيعت جي باوجود به سندس ظاهري سونهن ۽ ٻين خوبين کي اجاگر ڪندي کيس مان ۽ مرتبي واري سورمي بنايو آهي. سهڻي جي فطري حق (پسند جي شادي) کي شاهه صاحب بداخلاقي نٿو سمجهي، هو عورت جي حقن جو محافظ ۽ علمبردار آهي.

شاهه صاحب ليلان کي سندس ڪوتاهيءَ تي ليلائڻ ۽ پڇتائڻ جا نصيحتي سبق ڏيئي دلداريون ڏنيون آهن. سندس هستيءَ کي نابود ٿيڻ ۽ ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اميدن جا تصور ۽ مداين جي ميٽجڻ جون آسون پيدا ڪيون آهن.

سورٺ جي ڪردار کي شاه سائينءَ هڪ وفادار ۽ وَرَ جي رضا ۾ راضي رهڻ واري عورت ڏسيو آهي، سورٺ کي شاهه صاحب پاڻ وهيڻي نه بلڪه هڪ پتي ورتا عورت بيان ڪيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده جو هي مقالو معلومات جي لحاظ کان پنهنجي موضوع سان انصاف ڪندڙ آهي. شاهه صاحب جي بيتن جو موقعي ۽ مطلب مطابق ڪارائتو استعمال ڏنل آهي. هن تحقيق جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما موجود آهن.