ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو جنم 25 مارچ تي دادوءَ جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ ڪيائين، ايم اي کانپوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندن تحقيقي مقالي جو موضوع “عربي شاعريءَ تي فارسي ٻوليءَ جو اثر” آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ “تاريخ معصومي (فارسي)”، “چچ نامو” (فارسي)، “شاهه جو رسالو” ڊاڪٽر گربخشاڻي سان گڏ، “شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جو احوال”، “سرها گُل”، “ابياتِ سنڌي”، “منهاج العاشقين”، “ڪلام گرهوڙي”، “منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي”، ۽ ٻيا آهن. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر عمر جي ڪتاب “مضمون ۽ مقالا” جي لطيفي مقالن جو جائزو پيش ڪيو اٿم.
“مضمون ۽ مقالا”، 1975ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڇپايو. هن ۾ دائودپوٽي صاحب جا چاليهه مقالا ۽ مضمون آهن، جيڪي ماهنامه “نئين زندگي” ۾ ڇپبا رهيا. هنن مضمونن ۽ مقالن ۾ گهڻو حصو شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام، سوانح ۽ فلسفي متعلق آهي، ڪتاب جي ترتيب خانم خديجه دائودپوٽو ڪئي آهي. هي ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي فلسفي جي باري ۾ ڪل سترهن ليک آهن. ارڙهون مضمون تمر فقير جي باري ۾ آهي. (تمر شاهه جي ڪلام جو ڪاتب هو، جو مديني منوره ۾ کجيءَ جي وڻ هيٺ پيدا ٿيو هو. سندس نالو تمر معنيٰ “کارڪ” انهيءَ ئي ڪري رکيو ويو. مائٽن هيءُ ٻار روحاني تربيت لاءِ شاهه سائينءَ جي حوالي ڪيو). هن سوانحي مضمون ۾ تمر جي شاعراڻي ڪلام مان انتخاب به آهي، شاهه جي باري ۾ مضمون هن ريت آهن:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال: (هي مضمون ڊسمبر 1958ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيو هو)، هن ۾ شاهه جي سوانح جا هڪ سنڌي سرڪاري ملازم لکي، سنڌ سرڪار جي ترجمان “ڊبليو سائوڊي” سربارٽل فريئر لاءِ، 7 نومبر 1870ع ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڊاڪٽر صاحب 1958ع ۾ انگريزيءَ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن سوانح ۾ ڀٽ ڌڻيءَ سان منسوب ڪجهه نه يقين اچڻ جهڙيون ڪرامتون ۽ ڪرشما آهن..” ڊاڪٽر جبار جوڻيجي انهيءَ تي رايو ڏيندي لکيو آهي، “هن سوانح ۾ سڀ غير تحقيقي ۽ ٻڌل ڳالهيون آهن” (ص 147 – ڪٺمال)
شاهه ۽ روميءَ جي ڀيٽ: هڪ اهم موضوع آهي، فارسيءَ جي ڄاڻ رکندي، ڊاڪٽر صاحب شاهه ۽ روميءَ جي شعر جي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ ڪجهه مثال آهن. علامه صاحب جي نظريي مطابق بيشڪ شاهه سائين سُر ڪلياڻ ۾ روميءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ سان رومي ءَ جي مثنوي به رکندو هو پر ته به شاهه جو ڪلام روميءَ جو ترجمو ڪونهي ۽ نه ئي پاڻ سندس پيروي ڪئي اٿن، شاهه سائينءَ جي ڪلام تي کانئن اڳ ۽ همعصر سنڌي صوفي شاعرن، قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ جو ڪجهه اثر آهي پر سندس هڪ جدا حيثيت آهي. کين ٻين ٻولين جي صوفيانه شاعريءَ جي به مڪمل خبر هئي“. تقدير ۽ تدبير جو مسئلو: هن ۾ ڊاڪٽر عمر مطابق، “شاهه سائين نه ‘مطلق جبري’ هو، نه “مطلق قدري”. هڪ سچي مؤمن وانگر کيس تقدير ۾ يقين هو، ته هو تدبير لاءِ به ڪوشان هو.” (ص 142)
جڏهن ڀٽ ڌڻي هينئن چون ٿا:
لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نه وهي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾.
تڏهن اهو به چون ٿا ته:
هي ٿو وڃي هوت، آئون ڪه اڳڀري ٿيان،
متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ کان ڪي نه ٿيو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي منصور الحلاج جا ٻه اهم شعر ڏنا آهن، جن جو مطلب آهي ته، “خدا ٻانهي کي ٻانهون ٻڌي درياءَ ۾ وجهي ٿو. اهڙيءَ ريت شاهه سائين فرمائي ٿو:
مون کي مون پرينءَ، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا، ائين چوَن، مَڇَڻ پاند پُسائيين.
کين انسان جي سعيي ۽ الله جي لطف و ڪرم جو پورو پورو يقين آهي، انهيءَ پاند پُسائڻ کان ڪيئن بچجي؟ انهيءَ جي لاءِ به شاهه صاحب سالڪ کان سکڻ جي تلقين ڪري ٿو.
پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻا پالهو رهي؟
سالڪ مون سيکار، ڪو پهه انهيءَ پاند جو.
شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور: هن اهم ترين موضوع جو حاصل مطلب آهي ته “انسان جي ڪماليت بشري تقاضن جي فنائيت آهي”. “ڀٽ تي ڀيرو”، “گنج جو مطالعو” ۽ “رسالي جا قديم نسخا”، “قلمي نسخا” ۽ “رسالي جا ٽي آڳاٽا قلمي نسخا”، جي مقالن ۽ مضمونن ۾ گنج جي مطالعي ۽ ٻين نسخن جي ڀيٽ جو احوال ڏنل آهي. پاڻ فيبروري 1952ع ۾ ڀٽ شاهه تي وڃي رهيو ۽ ٻيو دفعو ستيتاليهه ڏينهن ڀٽ تي رهي تحقيق ڪيائين ۽ گنج جي نسخن ۽ قلمي نسخن کي پرکيائين. گنج شريف جو نسخو قدامت سبب ضعيف ٿي ويو آهي! انهيءَ تي لکيو اٿن ته، “گنج شريف هڪ ڪهنو ڪتاب آهي، وچئون شرازو ٽُٽي پيو اٿس، ورق اهڙا جهونا ٿي ويا اٿس جو ڇهڻ سان ڦاٽيو پون”.
دائودپوٽي صاحب جي تحقيق مان ضروري نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
- گنج شريف 1207 هجريءَ ۾ شاهه سائينءَ جي وفات کان 42 سال پوءِ تمر فقير جي خليفي ميان اسماعيل جي تحرڪ سان سيد عبدالعظيم عرف وڏل شاهه نالي فقير هٿان پورو ٿيو. جنهن جي بيتن جي ترتيب هاڻوڪي رسالي کان مختلف آهي، گنج شريف جو پهريون بيت سر سهڻيءَ جو آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لاءِ هاري.
سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ گڏ ڏنل آهن، جنهن جو پهريون بيت “اول الله عليم” جي بجاءِ “اُٿياري اُٿي ويا، منجهان مون آزار” آهي.
- سندن موجب قلمي نسخن ۾ ٻيو نمبر اهم نسخو 22 مئي 1854ع ۾ ميان محمد حافظ مير امام بخش ٽالپر جي چوَڻ تي لکي پورو ڪيو، ٽيون نمبر نسخو مائي ملياڻي نيامت جو هٿ اکر لکيل آهي. جيڪو پڻ 28 مارچ 1854ع تي لکجي راس ٿيو.
قلمي نسخن ۾ ڪُل 30 کن قلمي نسخا ۽ ڪجهه ڇپيل شاهه جا رسالا پڻ نظر مان ڪڍيائين.
- سندن ذاتي راءِ مطابق “برٽش ميوزم، انڊيا آفيس، سيد ابراهيم شاهه ۽ ماستر محمد قاسم خان وارا بياض پنهنجي اهميت رکن ٿا”. (ص 192)
“مرزا قليچ بيگ جي رسالي ۾ اڪيچار غلطيون رهجي ويون آهن”، (ص 195)
“غلام محمد شاهواڻيءَ جو رسالو صوري ۽ معنوي لحاظ کان بلڪل معيوب ۽ نادُرست آهي“. مطلب ته دائودپوٽي صاحب جي مٿين تحريرن مطابق پاڻ رسالي جي ان وقت تائين جي موجود نسخن مان مطمئن نه هو ۽ پنهنجي قابل استاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ سان گڏ سندن ترتيب ڏنل رسالي ۾ معاون پڻ هو۽ انهيءَ دوران سندن لطيف شناسيءَ جو ڪم جاري هو ۽ ڪافي مضمون ۽ مقالا لطيفي فن بابت لکيائين، جن مان 18 ڪتاب مضمون ۽ مقالا ۾ شامل آهن، جن جو مختصر جائزو مٿي ڏنو ويو آهي.