ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ  پي ٽي آءِ  ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي  اڄ قبر ڪشائي  ڪري پوسٽ مارٽم ڪرڻ وارو جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو ، عدالت اسٽي جاري ڪندي ڌرين کي 29 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي پٽ  ۽ ڌي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي 18 جون واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڄاڻايو هو ته اسان ڊاڪٽر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿا چاهيون، جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت هڪ عام شهري جي درخواست تي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم  ڏنو آهي، جنهن جو ڊاڪٽر لياقت سان ڪو رت جو رشتو ناهي  ۽ نه ئي وري  سندس ويجهو دوست آهي، انهي ڪري عدالتي  حڪم کي معطل ڪيو وڃي، عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي ڪندي جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت جي حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد ڊاڪٽر عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشريٰ، سندس پٽ ۽ ڌيءُ پنهنجي وڪيل ضياءُ اعواڻ سان گڏ ميڊيا ٽاڪ ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت جو موت ڊپريشن سبب ٿيو آهي ،  ڊاڪٽر عامر کي پريشان  ڪندڙن کي بخش نه ڪنداسين ،انهن خلاف عدالت سان رابطو ڪنداسين. ضيا اعواڻ  موجب عامر لياقت جي وارثن سان پوليس سرجن جو رويو سٺو ناهي، هڪ  شهري عدالت ۾ وڃي عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم  ڪرائڻ جو آرڊر حاصل ڪري ورتو، هن چيو ته مئجسٽريٽ ٻه ڀيرا ڊاڪٽر عامر جي مڙهه جو جائزو ورتو هو، پوليس سرجن چيو هو ته عامر لياقت جي جسم تي تشدد جا نشان ناهن، پوليس پڻ واقعي واري هنڌ جو معائنو  ڪيو هو، وارثن جي وڪيل وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ لياقت علي خان جو به سندن وارثن جي چوڻ تي پوسٽ مارٽم نه ٿيو هو