ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جنھن ۾ 17 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن  ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت 6 جوابدار روپوش ھجڻ ۽ گرفتار نه ٿيڻ تي عدالت ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي، ڇھن ئي جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري، پوليس انسپيڪٽر ستار سمون، اهلڪار لکمير، الهجڙيو ۽ محمد صديق جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن. ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران فريادي جي وڪيل اعجاز ھاليپوٽي چيو ته جوابدارن جي وڪيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي ته ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪيو وڃي، ان معاملي تي بحث ٿيڻو ھو پر جوابدارن جو وڪيل اڄ پيش نه ٿيو، ان ڪري ھن درخواست تي بحث نه ٿي سگھيو. ھن وڌيڪ چيو ته عدالت ايف آءِ اي جي انويسٽيگيشن آفيسر راشد ڀٽي کان پڇاڻو ڪيو ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي، اڳوڻي ايس ايس پي سميت روپوش ٿيل 6 پوليس اھلڪارن ۽ عملدارن جي گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته اوھان حيدرآباد ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جي گھر ۽ سنڌڙي ۾ پوليس ڪانسٽيبلز جي گھرن تي خاناپوري طور ڇاپا ھڻي رھيا آھيو. ھن چيوته عدالت سمورن فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ٻيھر ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آھن. عدالت بعد ۾ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.