ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف اي آءِ جي ٽيم ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قبرڪشائي ڪرڻ بعد ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪندڙ چئن ڊاڪٽرن جا بيان رڪارڊ ڪيا آھن، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد علي ناھيو، ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالصمد، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد راحيل خان، پوليس سرجن ڊاڪٽر محمد وسيم خان شامل آھن، جڏھن تھ ايف آءِ اي پاران پوليس جي گاڏين جو ٽريڪنگ رڪارڊ رکندڙ ”فيلڪن ون ڪمپني“ جي مئنيجر ڪسٽمبر سڪسيز تنوير علي جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آھي. پنھنجي رڪارڊ ڪيل بيانن ۾ مٿي ڄاڻايل ڄاڻايو آھي تھ ھو ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ سروسز پاران لکيل ليٽر بعد سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ جي حڪمن تي جڙيل ميڊيڪل بورڊ جو حصو ھئا. ھنن بيان ۾ ڄاڻايو آھي تھ کين پوسٽ مارٽم ۾ 3 ڪلاڪ لڳا، جنھن دوران ھنن ڏٺو تھ ڊاڪٽر جي جسم تي ڪجھه زخم به ھئا، بورڊ جي سمورن ميمبرن ھڪ ڀيرو ان ڳالھه جي به تصديق ڪئي آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ٽٽل 5 پاسراٽين مان ھيٺيون 4 پاسراٽيون ڊاڪٽر جي جيئري ھئڻ دوران سخت جسماني ڌڪ لڳڻ سبب ٽٽيون آھن.