ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سانا اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، طاهره عبدالله، جامي چانڊيو ۽ امر سنڌو جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن سان ملاقات، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جون اهم وڊيوز سرڪاري رڪارڊ مان ڊليٽ ٿيڻ جو انڪشاف خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي تڏي تي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ايڊووڪيسي ڪميٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، اسلام آباد کان آيل نامياري ھيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽ طاھره عبداللھ، ناميارو دانشور جامي چانڊيو، امر سنڌو ۽ ٻيا پھتا، جن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي والدين سان ملاقات ڪري معلومات ورتي، بعد ۾ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر اعجاز ترڪ چيو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ لاءِ مذھبي انتھاپسندي وڏو مسئلو آھي، ڇاڪاڻ جو اھو معاشري کي تبديل ڪري پيو، ھڪ دفعو انتھاپسندي وڌي ته ان کي افغانستان ۽ ٻين ملڪن جيان روڪڻ مشڪلن بڻجي ويندو، ھن چيو ته اسان کي انتھاپسندي جي سببن کي ڳولڻو پوندو، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ صدين کان مذھبي رواداري جو ڳڙھ رھي آھي ۽ اھا ھڪ مھذب معاشري جي نشاني آھي پر ھاڻ جيڪا انتھاپسندي پکيڙي پئي وڃي، ان لاءِ ترقي پسند عنصرن کي اڳيان اچي ان جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، ھن چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي معاملي سنڌ کي جنجھوڙي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته سنڌ حڪومت به ھن قسم جي معاملن جي ذميوار آھي، جڏھن امر جليل تي عمرڪوٽ جي مولوي فتويٰ جاري ڪري ان جي سِر جي قيمت رکي ته اھڙي ماڻھو کي گرفتار ڪرڻ گھرجي ھا، پر ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، ھن چيو ته ڊاڪٽر جي پھرين پوسٽ مارٽم ۾ ان تشدد جو ذڪر نه ڪيو، ان کي به انڪوائري ۾ شامل ڪيو وڃي ته ھن آخر ڪنھن جي چوڻ تي اھڙو قدم کنيو، طاھرا عبداللھ چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جو مسئلو رڳو سنڌين جو نه پر اسان سمورن پاڪستان واسين جو آھي، ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻ گھرجي، ھن چيو ته ھي ھڪ دل دھلائيندڙ واقعو آھي، ڪو به مسلمان ٻئي مسلمان خلاف ائين نٿو ڪري سگھي، ھن چيو ته 1985ع ۾ ھڪ اڻ چونڊيل فوجي آمر جي دور ۾ آئين اندر اھڙيون ترميمون ڪيون ويون، جنھن سان اھڙا مسئلا پيدا ٿيا، جيڪي گذريل 14 سئو سالن ۾ ڪڏھن پيش نه آيا، ھن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جو نالو عدالت معرفت توھين واري الزام کان آجو ڪيو وڃي، ان ۾ ڪنھن به قسم جي جرڳي يا قبيلائي فيصلي کي نه مڃيو ويندو، ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي گرفتار ڪرڻ ۽ قاتلن پاران ھار پائي خوشيون ملھائڻ واريون وڊيوز ڊيليٽ ڪيون ويون آھن، ان جي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ جيڪي پوليس عملدار روپوش آھن، انھن کي گرفتار ڪيو وڃي، مقتول جي ٻارن جي تعليم لاءِ معاوضو ادا ڪيو وڃي، ڊاڪٽر جي پگھار ايستائين جاري رکي وڃي، جيستائين سندس ٻار مڪمل تعليم پوري نه ٿا ڪن ۽ سندس بيواهه کي پينشن ڏني وڃي ۽ وارثن کي سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڳالھائيندي جامي چانڊيو چيو ته ھي واقعو گذريل سال جي سيپٽمبر مھيني ۾ ٿيو ۽ ھاڻ ٻئي سال جو جنوري مھينو ھلي پيو پر ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت ڪافي پوليس عملدار اڃا تائين ڇو فرار آھن؟ انھن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، ڇاڪاڻ جو اھي پوليس عملدار سرڪاري گاڏيون ۽ ٻيون مراعتون حڪومت کان حاصل ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته پاڪستان ۾ اھڙا واقعا ان ڪري به اڀرن ٿا جو اھڙن جوابدارن کي سزا نه ٿي ملي، ھن چيو ته جڏھن امر جليل تي الزام لڳو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس ۾ ملوث عمر جان سرھندي امر جليل جي سر جي قيمت رکي ھئي، اسان وقت به بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، جتي سنڌ جو وڏو وزير، سردار شاھ ۽ ٻيا موجود ھئا، پر اھڙن ماڻھن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو، ھن چيو ته پ پ جي جنھن ايم اين اي قاتل پوليس عملدارن کي ھار پارايا، اھو ساڳئي عھدي تي ويٺل آھي، اھو پارٽيءَ تي داغ آھي، ان کي پنھنجي صفن مان ڪڍيو وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته وڊيوز جھڙو اھم رڪارڊ سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارن مان گم ٿيو آھي، ھن معاملي کي سنڌ حڪومت سنجيدگيءَ سان نه پئي وٺي، امر سنڌو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جھڙا واقعا رڳو ھڪ فرد جو قتل نه پر ھي سماج جي ھر فرد جي تحفظ جو مسئلو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي ڪيس کي ھٿ وٺي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ابراھيم ڪنڀر چيو تھ جاچ کي انتھائي سوڙھو ڪيو ويو آھي، جنھن ھوٽل تان ڊاڪٽر شاھنواز کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڊي آءِ جي آفيس ۾ گل پارائيندڙ سھولتڪارن ۽ جشن جون سي سي ٽي وي وڊيوز ڊي آءِ جي آفيس مان ڊيليٽ ڪيون ويون آھن، ان موقعي تي سمورن گڏجي مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي.