عمرڪوٽ (رپورٽ:الياس ٿري) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري قتل ڪيس وارو مامرو نئين رخ اختيار ڪري ويو، ميڊيڪل بورڊ جي ٻيهر جاري ڪيل وضاحتي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جون چار پاسراٽيون موت کان اڳ زنده هجڻ جي حالت ۾ پوليس حراست دوران تشدد سبب ٽٽڻ جو انڪشاف تفصيلي رپورٽ موجب عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس جي سلسلي ۾ مليل نئين رپورٽ ۾ ڊاڪٽر جون چار پاسراٽيون پوليس حراست دوران ٿيل تشدد سبب ٽٽڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس بابت ميڊيڪل بورڊ جوڙي قبرڪشائي ڪئي وئي ھئي ۽ پنج ماھر ڊاڪٽرن قبرڪشائي ڪري سندس جسم جي مختلف حصن جا 13 جزا ميڊيڪل ايگزامينشن لاءِ محفوظ ڪيا ھئا ۽ رپورٽ ڏني ھئي ته سندس چار پاسراٽيون ٽٽل آھن، قتل ڪيس جي جاچ ٽيم ۾ شامل ايس ايس پي عمرڪوٽ ميڊيڪل بورڊ کي ليٽر لکي ٽٽل پاسراٽين بابت سوال پڇيو ھو ته اھي موت کان اڳ ٽٽل ھيون يا پوءِ ٽوڙيون ويون آھن، اھڙي ليٽر بعد ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم پوليس سرجن وسيم خان جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر طاھر قريشي، ڊاڪٽر وحيد علي ۽ ٻين ايس ايس پي جي ليٽر تي لکت ۾ ڏنل وضاحتي جواب ۾ ڄاڻايو آھي ته چار پاسراٽيون موت کان اڳ يعني ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جڏھن زنده ھو ته ان وقت جون ٽٽل آھن، ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش تي تشدد ٿيڻ ۽ ساڙڻ واري مسئلي تي عدالتي حڪم تحت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ھو، جنھن جي رپورٽ اڳم به پڌري ٿي چڪي ھئي، جنھن ۾ صرف تشدد ٿيڻ ۽ پاسراٽيون ٽٽل ھئڻ جي رپورٽ ڏني وئي ھئي، پر هاڻي موت کان اڳم تشدد ڪرڻ جي تصديق ڪري وضاحتي بيان لکت ۾ جاري ڪيو ويو آهي.