ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا طور جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس ۾ گھربل جوابدار اڄ ٻيھر ضمانتن جي سلسلي ۾ ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ پيش ٿيندڙ ۾ سامارو واسي پير عمرجان سرھندي پڻ شامل ھو، جڏھن ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪندڙ عمرڪوٽ جو اڳوڻو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ، سنڌڙي جو اڳوڻو ايس ايڇ او نياز کوسو، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا جن جي ضمانت ۾ عدالت 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏھن تھ گرفتار ٿيل اھلڪار ھدايت اللھ ناريجو، پوليس اھلڪار فرمان، نادر ۽ غلام قادر کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي عدالت ٻيھر 16 نومبر تائين جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 18 جوابدارن مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي کي پڻ عدالت ۾ ڪيو ويو، جن کي پڻ عدالت 20 نومبر تائين ٻيھر جيل موڪلي ڇڏيو آھي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي پيروي ڪندڙ بئريسٽر اسد اللھ شاھ راشدي چيو تھ تازو ئي ايف آءِ اي وارن ھڪ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي، جنھن ۾ اسان جو اھو ساڳيو موقف رکيو ويو آھي، جيڪو اسان سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي. ھن چيو تھ چيو ھاڻ نئين ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوين ايف آءِ آر جي ڪھڙي حيثيت رھندي، ان ڏس ۾ عدالت اسان کان پنھنجي راءِ طلب ڪئي آھي، جيڪا ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي ويندي ۽ ان بعد ئي جوابدارن جي ضمانتن بابت فيصلو ٿي سگھندو. ھن چيو تھ ڪجھ جوابدارن جا وڪيل پيش نھ ٿيا ۽ ٻيا به ڪجھه قانوني ۽ ٽيڪنيڪل مسئلا اھڙا آھن، جن جي ڪري اڄ ڪورٽ ايڊجرنڊ ٿي آھي. ھن چيو ته اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص بھ ضمانت ناھي ڪرائي، جن کي خبر ناھي تھ اڃا تائين ڇو گرفتار ناھي ڪيو ويو، ان بابت اڳ ۾ ھاءِ ڪورٽ ۾ بھ درخواست ڪري چڪا آھيون ۽ اڄ پڻ عدالت کي جوابدارن جي گرفتار نھ ٿيڻ بابت ٻڌايو آھي. عدالت ٻاھران پير عمر جان سرھندي جي وڪيل ڪامران ڀٽي چيو تھ ايف آءِ اي وارن جيڪا الڳ ھڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي، عدالت ان بابت سوال اٿاريو تھ ھي ڪھڙي قانون تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي؟ ھن وڌيڪ چيو تھ ھاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي حوالي رڳو جاچ ڪئي ھئي، نئين ايف آءِ آر ڪٽڻ جو نھ چيو ھو. ھن وڌيڪ چيو تھ ايف آءِ آءِ عملدارن ان ڏس ۾ عدالت کان وقت گھريو آھي ۽ ھاڻ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ھو پنھنجو موقف پيش ڪندا. ھوڏانھن پوليس پاران ڊاڪٽر شاھنواز کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪيل جاچ رپورٽ ڊي ايس اسلم جاگيراڻي پيش ڪئي، جي ترتيب تي عدالت سڳوري عدم اعتماد جو اظھار ڪيو ۽ بھتر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.