ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿي عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي مبينا پوليس مقابلي جي جاچ لاءِ ميرپورخاص پهچي ضلعي جي اعليٰ آفيسرن سميت سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان سرڪٽ هائوس ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران کنيل قدمن، جاري جاچ ۽ مستقبل جي ايڪشن پلان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو چيو ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن مقتول جي وارثن کي هر قسم جو قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ملوث جوابدارن خلاف شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي آئين تحت هر شهري کي شفاف جاچ جو حق حاصل آهي ۽ سنڌ حڪومت جو قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت ڪنهن به قسم جي انسانيت جي توهين ۽ غير قانوني عمل جي حمايت نه ڪندي.