ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتل سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او خلاف ڪيس داخل

0
16
ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتل سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او خلاف ڪيس داخل
ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتل سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او خلاف ڪيس داخل

ميرپورخاص/سنڌڙي(نمائندن وٽان) ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ بعد وٽانئس غير قانوني پسٽل ۽  گوليون ھٿ اچڻ وارو ڪيس ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پاران ڪوڙو قرار ڏئي، ختم ڪرڻ کان پوءِ عدالت جي حڪم تي سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او نياز کوسي خلاف ساڳيو ئي غير قانوني پسٽل ۽ گوليون رکڻ جو ڪيس سنڌڙي ٿاڻي تي ھاڻوڪي ايس ايچ او خدا بخش رانجھاڻي جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ايف آءِ آر ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌڙي جي اڳوڻي ايس ايچ او ڊاڪٽر شاھنواز تي جيڪو ھٿيار رکڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ھو، ان ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پڻ پنھنجي جاچ ۾ ڪوڙو قرار ڏئي چڪو آھي.

جوابدارن ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدارن ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي خبر موجب ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جو لاش وارثن کان ڦري ان کي ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جنھن دوران ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 17 ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل افضل ڪريم ورڪ استدعا ڪئي ته ھي ڪيس دھشتگردي جو ناھي، ان ڪري ان کي سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو وڃي، ھوڏانھن فريادي ڌر جو وڪيل ذاتي مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيو، جنھن سبب عدالت ايندڙ ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاھران ڳالھائيندي جوابدار ڌر جي وڪيل افضل ڪريم چيو ته اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪري استدعا ڪئي آھي ته ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ھلڻ جھڙو ناھي، ان ڪري ان کي سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ جرح ٿيڻي ھئي پر فريادي ڌر جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ان ڪري عدالت پابند ڪيو آھي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ان معاملي تي دليل پيش ڪيا وڃن.