ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناميارو مذھبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ڪراچي پھتو، خانگي فلائيٽ ذريعي ڪراچي پھتل ذاڪر نائيڪ جي جامعه بنوريا جي نائب مھتم مولانا فرحان ڪراچي ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، رات جو ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ گورنر ھائوس پھچي گورنر پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان سندس پٽ شيخ فاروق نائيڪ پڻ گڏ ھو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته مسلم امت کي توهان تي ناز آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف سان ناليواري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو آهي، مان به توهان جا ليڪچر شوق سان ٻڌندو آهيان، جيڪي تاثر سان ڀرپور هوندا آهن. هن چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ توهان اسلام جو درست پيغام ماڻهن تائين پهچائي انتهائي اهم فرض انجام ڏئي رهيا آهيو. شهباز شريف 2006 ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مان 1991 ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڄ تائين ان جون يادون تازيون آهن، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، جيڪو اسان کي هر معاملي تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪيان. هوڏانهن ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان اسان جي گهر اچي گهر کي رونق بخشي، جنهن طريقي سان ڊاڪٽر صاحب سوالن جو جواب ڏيندو آهي، اهو مسلم امت طرفان دفاع هوندو آهي، ڪيترائي ماڻهو سندس دعوت تي ايمان جي نور سان منور ٿيا آهن، ڊاڪٽر صاحب هتي مهمان نه ميزبان آهي، هي ان جو پنهنجو گهر آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات منهنجي خواهش هئي، جيڪا پوري ٿي، منهنجي لاءِ اڳ ۾ سڀ کان اهم پيشو ڊاڪٽري جو هو، پوءِ قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهيو ته خبر پئي سڀ کان سٺو پيشو دعوت جو آهي، مولانا فضل الرحمان مهمانن کي گلدستو پيش ڪيو ۽ تحفا ڏنا، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مولانا فضل الرحمان کي پرفيوم جو تحفو پيش ڪيو.