سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، سينٽرل جيل ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. جيل ذريعن موجب پوليس، رينجرز جي نفري ۾ اضافو ڪيو ويو. هڪ هفتو اڳ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي اڳوڻي سينيٽر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو سينٽرل جيل سکر ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن ٻڌايو ويندو. جيل ۽ پوليس ذريعن موجب سينٽرل جيل جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي، ڪيس سان لاڳاپيل ڌرين کي ئي سينٽرل جيل سکر  ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڇڏيو ويندو. جڏهن ته پوليس، رينجرس، ايف سي توڙي جيل پوليس جي جوانن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ حنيف ڀٽو، مشتاق مهر، سارنگ چانڊيو، الطاف جمالي، لطف جمالي. درياءَ خان جمالي سينٽرل جيل ۾ قيد آهن.