ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ جي ناموراسڪالر اديب، لسانيات جي ماهر، لوڪ ادب، سنڌي لغات ۽ لطيفيات جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادب جي خدمتن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جوڪيل ڪم ساراهڻ جوڳو آهي. خاص ڪري سنڌ جي ، لوڪ ادب، تاريخ، ٻولي، موسيقي، ڪلاسيڪي شاعريءَ، ۽ لطيفيات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا تيار ڪيل لوڪ ادب سلسلي جا ڪافي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ’لوڪ ادب رٿا‘تحت تقريبًا سڀني موضوعن، جنهن۾ ڳجهارتون، ڳيچ، ڏور، مداحون، مناجاتون ۽ سنڌي لغت (پنج جلدن) جي صورت ۾ڇپرايل آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سالن جي اڻ ٿڪ محنت سان سنڌ جي ڪڊڪڙڇ مان مواد سهيڙي ڪتاب تيار ڪيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي انگريزي، سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي سنڌ جو نئون نسل صدين تائين ساراهيندو رهندو. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون سنڌي ادب تاريخ ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون. سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي سڀني جلدن کي اردو ترجمي جي صورت ۾ڇپرائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. جنهن تحت ڪجھ جلد شايع ڪيا ويا آهن،۽ ٻين جلدن کي به جلد شايع ڪيو ويندو. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو آهي ته ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ جي ڏهاڙي جي موقعي تي سندس ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.