ڊاڪٽر آڪاش جي گهر واري پاران پٽ بيگناهه قرار، ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو

0
22
ڊاڪٽر آڪاش جي گهر واري پاران پٽ بيگناهه قرار، ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو
ڊاڪٽر آڪاش جي گهر واري پاران پٽ بيگناهه قرار، ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو

بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، سندس گھر واري پنھنجي گرفتار ٿيل پٽ لطيف آڪاش کي بيگناھه قرار ڏيندي گھڻ رخي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، سندس گھر واري حاجياڻي حليمان انصاري بدين واري گھر ۾ عدت دوران وائرل ڪيل وڊيو بيان بعد پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته آئون پٽ لطيف سان جيل ۾ ملاقات ڪري آئي آهيان، ملاقات ۾ پتو لڳايو آھي ته سندس پٽ لطيف اڪاش بي قصور آھي، کيس ايس ايچ او ڀٽائي نگر اصغر تنيو تمام گھڻو تشدد ڪري بعد لطيف کي منگيتر جنت جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪري چيو ته اگر تو ڏوھ نه باسيو ته تنھنجي منگيتر جنت کي کڻي اينداسين جنھن بعد ھن نه ڪيل ڏوھه باسيو آھي، ھن چيو ته پوليس منھنجي پٽ لطيف بدين جي قبرستان مان پنھنجي پئي کي دفن ڪرڻ وقت گرفتار ڪيو آھي، ھن چيو ته جيڪڏھن لطيف پنھنجي پيءُ جو قاتل ھجي ھا ته قتل ڪرڻ بعد حيدرآباد مان ڀڄي وڃي ھا، جنازي سان گڏ بدين نه اچي ھا، ھن چيو ته لطيف سان منھنجي جيل ۾ ملاقات ٿي آھي، لطيف مون کي چيو ته امان منھنجي مڱيندي جنت سان منھنجو پنج سالن جو واسطو ھو، جنھن جي نالي ۾ مون کي بليڪ ميل ڪري ڏوھه باسرايو ويو آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته منھنجن پنھنجن ئي پٽ مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي پر آئون ڪنھن جو به نالو نٿي کڻان، الله منھنجو انصاف ڪندو، ھن چيو ته آئون گھريلو عورت آھيان، جيل ۾ پھريون چڪر پٽ سان ملاقات ۽ ميڊيا سان به پھريون چڪر ڳالھايان پئي، دنيا ته ڇا ڇا پئي ڳالھيون ڪري پر مون ماءُ کي پنھنجي پٽ جي سڀ خبر آھي ته ھو قاتل ناھي، ھن چيو ته پٽ لطيف قاتل ناھي، آڪاش جي قتل ۾ ڳجها ھٿ ملوث ٿي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري جي ڪري گھڻا ماڻھو کائنس ناراض ھئا، ھن چيو ته اڻڌري جانچ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪافي سارن معاملن سان گڏ سندس ڊرائيور جمن لغاري به ساڻس 10 لک روپين جو فراڊ ڪيو ھو، جنھن تي ڊاڪٽر ڪيس به داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايو ھو، مگر منھنجن مائيٽن مون کان پڇڻ ۽ صلاح ڪرڻ بنا ڪيس داخل ڪرائي منھنجي پٽ کي گرفتار ڪرايو آھي ۽ لطيف کي ايس ايچ او ڀٽائي نگر اصغر تنيو تشدد ڪري ۽ مڱيندي جي نالي تي بليڪ ميل ڪري زبردستي قتل جو بيان ڏياريو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش پٽ لطيف جي شادي جي تياريون ڪري ڇڏيون ھيون، ڪجھه ڏينھن اڳ اسان ڪراچي ۾ خبر ناھي پنجابي آھن يا مھاجر خبر ناھي پر جنت نالي ڇوڪري جي مائيٽن سان اسان ڳالھيون پڪيون ڪري اسان مٺائي ورھائي، اسان سڀ ۽ اڪاش انصاري ڏاڍو خوش ٿيو ھو ۽ پٽ جي شادي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيائين مون کي چيائين ته لطيف جي شادي ڪرائڻ بعد پاڻ ٻئي ايران گھمڻ ھلنداسين، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لطيف ڊاڪٽر آڪاش مٿان حملي لاءِ پسٽل کڻي آيو ھو، جيڪو مون ٽوڙي ڇڏيو ھو ۽ لطيف پاران 40 لک به مون پٽ کان واپس ڪرائي ڊاڪٽر کي ڏنا ھئا، ھن وقت پيءُ پٽن ۾ ڪوبه جھيڙو يا ڦڏو ھلندڙ نه ھو، ھن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ لطيف آڪاش کي ازاد ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي گھڻ رخي جانچ ڪرائي اصل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

حليمان قاتل پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش پئي ڪري: فريادي

بدين: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سئوٽ ۽ قتل ڪيس جي فريادي جان محمد انصاري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته انھي عورت جي گھڻي پيار ۽ لاڏ پٽ کي خراب ڪيو، جيڪو گھڻي پيسي ملڻ سبب غلط صحبت ۾ اچي نشي جو عادي ٿي ويو ۽ ڪيترائي چڪر ڊاڪٽر آڪاش مٿان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گھڻا چڪر گھر مان زبردستي پيل پيسا کڻي ويندو هو، پر ھڪ چڪر 40 لک رپيا، اي ٽي ايم ذريعي ڪڍرائي ويو، جيڪو ڪيس به داخل ٿيل آھي، تازي قتل واري واقعي بعد به ڊاڪٽر جي گھر واري جيڪا منھنجي سوٽ به آھي، پنھنجي قاتل پٽ لطيف کي پھرين ڏينھن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، پر سندس قاتل پٽ لطيف پوليس توڙي ڪورٽن جي بيانن ۾ قتل جو اعتراف ڪري چڪوآھي، ھن چيو ته اسان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين، ھن چيو ته ائون ڪراچي آھيان بدين پھچي برادري سميت پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون سامھون آڻينداسين.