بدين/حيدرآباد: آڪاش انصاري جي جيون ساٿياڻي حاجياڻي انصاري جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر آڪاش جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه هئي. هو پٽ کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ پٽ هن سان ڪڏهن به بدتميزي نه ڪئي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪنهن به پاران ڌمڪيون ملڻ جي ساڻس ڳالهه نه ڪئي. گذريل ڏينهن هو بدين مان نڪتو. هن چيو ته اسان جو سئوٽ گذاري ويو هو. گذريل ڏينهن هن جو ٽيجهو ٿيڻ سبب مون کيس چيو ته آئون به اوهان سان گڏ هلان ٿي ته هن چيو ته آئون ٽيجهي ۾ شرڪت ڪريان. هو حيدرآباد کان ڪراچي به وڃي سگهي ٿو. هن چوڻ هو ته گذريل رات ڊاڪٽر آڪاش کي وائيس ميسيج به ڪيو هو ۽ هن به کيس 2 وائيس ميسيج ڪيا ۽ چيو ته هو به حيدرآباد لاءِ نڪري رهي آهي ته ڊاڪٽر آڪاش کيس چيو ته هو ڀلي حيدرآباد اچي وڃي. واقعي بابت گهر ۾ موجود سندس پٽ شاهه لطيف انصاري جو چوڻ هو ته گذريل رات ساڍي 11 وڳي هو گهر پهتو ته بابا وٽ دوست ويٺل هئا. آئون بابا وٽ دوستن جي موجودگي ۾ کيس ڊسٽرپ نه ڪندو هئس ان ڪري آئون پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيس ۽ صبح جو گرمائش ۽ باهه جي تپش سبب ننڊ مان اٿي ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته بابا جي ڪمري ۾ باهه لڳل هئي جنهن بعد مون دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ٽٽڻ تي ڊرائيور چاٻي سان دروازو کوليو ۽ اندر باهه ڀڙڪي رهي هئي جنهن بعد مون پاڙي وارن ۽ ريسڪيو کي اطلاع ڪيو.