بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) ڊاڪٽر آڪاش جو وڇوڙو قومي سانحو قرار، سُڄاڻ ڌرين پاران گهڻ رخي جاچ جو مطالبو خبر موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي تڏي تي ناليواري اديب ۽ دانشورو جامي چانڊيو پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري منھنجو سالن کان وٺي ساٿي ۽ تمام ويجھو دوست نه پر ڀاءُ ٿي رھيو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ھميشه آمرن ۽ وقت جي حڪمرانن جي اک جو ڪنڊو رھيو، ڇو ته ڊاڪٽر پنھنجي شاعري ذريعي غريبن مسڪينن جو آواز بڻيو ۽ ظالمن کي للڪاريائين، جنھن سبب پاڻ ڪيترا ڀيرا جيل ويو ۽ ڪيتريون ئي سختيون سٺيون، ھن وقت بيماري مان اٿڻ بعد ڊاڪٽر ٻيھر ميدان سجائڻ پئي چاھيو ۽ ميدان تي نڪري ظالمن کي للڪاري رھيو هو ته کيس رات جي رھزنن اسان کان ھميشه لاءِ پري ڪري ڇڏيو آھي، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڊاڪٽر جي قتل جي ابتدائي جاچ ۾ ٻن ڄڻن کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي ۽ جاچ ھلي رھي آھي ۽ اسان پوليس جي جاچ رپورٽ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ جي انتطار ۾ آھيون، ڇو ته سڄي قوم جون نظرون حيدرآباد پوليس جي جاچ رپورٽ جون منتظر آهن، هي رهزني ڪنهن کي ڦٻڻ نه ڏبي، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌ جي انقلابي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو قومي سانحو ۽ سنڌي قوم جو وڏو نقصان آهي، ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ھميشه پنھنجي شاعري ذريعي پيار محبت ۽ امن جا گيت ورهايا، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي اوچتي وڇوڙي اسان جو جيءُ جھوري وڌو آهي، ھن چيو ته آڪاش انصاري سنڌ جو سرمايو آهي، ان سان ضرور انصاف ٿيندو، ھن چيو ته شروعاتي جاچ هلي رهي آهي جلد مڪمل ٿي ويندي ۽ وارثن کي انصاف ضرور ملندو، ھن چيو ته ھيڏو وڏو واقعو ڪندڙ سب مھرا ۽ ڪردار ظاھر ڪرڻ لاءِ گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي، ٻئي صورت ۾ سنڌ خاموش نه ويهندي، سڄي سنڌ آڪاش جي ڏک ۾ ورتل آهي، ناليواري اديب ۽ شاعر حافظ نظاماڻي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري وارو واقعو ڏکوئيندڙ آھي، منھنجي ڪتاب جي مھورت پروگرام اڄ رکيل ھو، جيڪو مون سوڳ ۾ ملتوي ڪيو آھي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو بھترين شاعر ھو، سندس شاعري زندگي جو ڇلو، ٿي پيو گرگهلو، يار جلدي ملو، کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي، پاڻ شاعري ۾ ھڪ منفرد انداز رکندو ھو، ڊاڪٽر گھڻ رخي شخصيت ھو، واقعي جي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي، سمورا رخ جاچڻ گهرجن، واقعو ڏکوئيندڙ آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته  ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنھنجي انقلابي شاعري ذريعي قومپرست تنظيمن ۾ ھڪ روح  ڦوڪي ڇڏيو ھو ۽ پاڻ شاعر ھئڻ سان گڏوگڏ سٺو سياستدان به ھو، هن چيو ته آڪاش عوامي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ اڳواڻ ھو ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندس وڏو ڪردار آھي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر اڪاش انصاري واقعي جي اڻڌري جانچ ڪرائي سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ڊاڪٽر بيڪا رام چيو ته ڊاڪٽر آڪاش وارو واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، سندس باڊي تي ڪيترائي مختلف تيز ڌار اوزارن جا ڌڪ لڳل آھن، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ھر شئي ڪليئر ٿي ويندي، ھن چيو ته ظالمن سنڌ کي ھڪ بھترين شخصيت ۽ بھترين شاعر کان ھميشه لاءِ جدا ڪيو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جو خال صدين تائين نٿو ڀرجي سگھي.