ڊاڪٽر آڪاش جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين: ساٿين ۽ ڌيءُ پاران ڪائونٽر درخواست لاءِ مهلت طلب

0
29
ڊاڪٽر آڪاش جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين: ساٿين ۽ ڌيءُ پاران ڪائونٽر درخواست لاءِ مهلت طلب
ڊاڪٽر آڪاش جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين: ساٿين ۽ ڌيءُ پاران ڪائونٽر درخواست لاءِ مهلت طلب

بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) سنڌ جي نامياري مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ سندس زال حليمان انصاري طرفان پنھنجي پاليل پٽ ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قاتل لطيف انصاري کي ڇڏائڻ لاءِ داخل ڪيل ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيس جي فريادي ۽ سئوٽ جان محمد انصاري، شاھد ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ ٻين وارثن طرفان ڪائونٽر درخواست داخل ڪرڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي، ھنن چيو ته اسان پنھنجو موقف اختيار ڪيو آھي ته ڊاڪٽر آڪاش جو وڪيل ملڪ کان ٻاھر آھي ۽ 15 جولائي تائين واپس اچي ويندو تيسيتائين مهلت ڏني وڃي. جنھن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪيس جي اڳ رکيل تاريخ 26 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ان  موقعي تي ڄاڻايل وارثن صحافين کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال حليمان انصاري ڀلي قاتل نيپاج پٽ لطيف کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري پر اسان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو خون لوڙهڻ ھرگز نه ڏينداسين ۽ قانوني طور ڪوششون جاري رکي قاتل کي سزا ڏيارينداسين ان موقعي تي وڪيل سليمان ڏاهري، شاڪر نواز شر،  ظھير انصاري، سھيل نوتڪاڻي خادم انصاري، فھيم بچل ميمڻ، فيض کوسو ۽ بيا ڪيترائي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا مائٽ ء دوست موجود ھئا جڏھن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڌيءَ ميرا انصاري سندس ماءُ طرفان داخل ڪيل قاتل جي ضمانت واري درخواست ۾ ڪائونٽر ايپليڪيشن داخل ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ ذريعي چيو آهي ته ھو 26 جولائي تي ضمانت جي درخواست خلاف پنھنجا اعتراض داخل ڪندي