حيدرآباد(بيورو رپورٽ) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار شاهه لطيف آڪاش کي زخمن تي مرهم پٽي ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. گذريل رات دير سان ڀٽائي نگر پوليس قاسم آباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ شاهه لطيف کي کڻي آئي جتي سندس زخمن کي مرهم پٽي ڪرائڻ بعد کيس واپس ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته شاهه لطيف نامياري مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙھ کي باھه ڏني ته سندس پير سڙي ويا هئا جڏهن ته ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم بعد اهو به چيو هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ مزاحمت پڻ ڪئي جنهن سبب پڻ شاهه لطيف کي پٺن ۽ منهن تي به هلڪا زخم آيل آهن.