ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جي حوالي سان اعليٰ پوليس آفيسر ان نتيجي تي پهتا آهن ته آڪاش انصاري جو موت ڪو حادثو نه پر قتل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر آڪاش کي سندس ئي گود ورتل پٽ قتل ڪيو. پوليس پاران گرفتار ڪيل آڪاش انصاري جي پٽ ۽ ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪاش انصاري جي پٽ کان رات کان وٺي انٽروگيشن جاري آهي پر هو اڃا تائين مڃڻ لاءِ تيار ناهي. جيتوڻيڪ ڊرائيور ڪجهه ڳالهين جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جهڙي ريت آڪاش انصاري جي جسم تي تشدد جا نشان آهن اهڙي ريت مبينا قتل الزام هيٺ گرفتار سندس پٽ جي جسم تي پٽ ننهنڊن جا نشان آهن. ان مان اهو واضع لڳي ٿو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

آڪاش انصاري جي پٽ پيءُ کي قتل ڪري واقعي کي باھ حادثو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٿاڻي مان ڪم لاهي ورتو هو. پوليس واقعي کي حادثاتي موت قرار ڏئي لاش به پٽ حوالي ڪري ڇڏيو هو جيڪو لاش دفنائڻ لاءِ بدين کڻي پئي ويو پر آڪاش انصاري جي دوستن ۽ سموري سنڌ پاران ڏک جو گڏيل اظهار ڪرڻ بعد پوليس ٿرٿلي ۾ اچي وئي ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو لاش واپس ڪرائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو ۽ پوليس جاچ ٽيم جوڙي جاچ شروع ڪئي وئي.

هن وقت تائين حيدرآباد پوليس ان نتيجي تي پهتي آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي سندس پٽ ئي قتل ڪيو. قتل جو سبب پئسا ٻڌايا پيا وڃن جيڪي ڊاڪٽر آڪاش کي تازو ئي گهر وڪرو ڪرڻ جا مليا هئا. هن واقعي ۾ ڊرائيور جو ڇا رول آهي پوليس اهو به چيڪ ڪري پئي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واقعي جي ابتدائي رپورٽ جلد پڌري ڪئي ويندي. جلد پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي.

(قادر لاشاري جي فيس بڪ پوسٽ)

آڪاش انصاري جي قتل الزام ۾ گرفتار ٿيل سندس پٽ ۽ ڊرائيور کان پوليس اڃا تائين باقاعده جانچ شروع ناهي ڪئي. آفيسر چون پيا سندس پٽ کي پرواه ئي ناهي. نه وري هو ڏوهه مڃڻ لاء تيار آهي، ريمانڊ بعد روايتي طريقي سان “پڇا ڳاڇا” شروع ڪئي ويندي، هڪ “بيرحم” آفيسر کي ٽاسڪ ملي ويو آهي. (مشتاق سرڪي جي فيس بڪ پوسٽ)